بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڏي تبديلي ، امدادي رقم هاڻ نئين طريقي سان ملندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز (مستحقن) لاءِ اهم خبر سامهون آئي آهي ته هاڻ کين امدادي رقم نئين طريقيڪار تحت ملندي.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عوامي رليف جا ڪيترائي پروگرام جاري آهن، سمورن امدادي پيڪيجز جي ادائيگي پهريان بي آءِ ايس پي سينٽرز يا پوءِ مخصوص اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي ڪئي ويندي هئي. پر هاڻ پراڻي طريقي بدران نئين طريقيڪار تحت بي آءِ ايس پي جي رجسٽرڊ ماڻهن کي امداد فراهم ڪئي ويندي.

ڪيش ليس سسٽم متعارف، رقم سڌي ڊجيٽل والٽ ۾ منتقل ٿيندي
صدر آصف علي زرداري جي خاص هدايتن ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪيش ليس اڪانومي ويزن تحت، بينظير ڪفالت پروگرام جي ايندڙ قسط جي ادائيگي هاڻ رڳو بينظير موبائل سم ذريعي کوليل ڊجيٽل والٽ اڪائونٽ ۾ ڪئي ويندي.

بينظير موبائل سم حاصل ڪرڻ جي هدايت
بي آءِ ايس پي اختيارين سمورن بينيفشريز کي درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن انهن اڃا تائين پنهنجي بينظير موبائل سم حاصل نه ڪئي آهي ته فوري طور تي پنهنجو ذاتي موبائل فون ساڻ کڻي ويجهي بي آءِ ايس پي آفيس سان رابطو ڪن.
بينظير موبائل سم مفت حاصل ڪرڻ جي آخري تاريخ 15 جون مقرر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.