جنگ بندي باوجود آمريڪي فوج جو ايران تي حملو، ڊرون لانچنگ پوائنٽ ۽ ٻيڙين کي نشانو بڻايو ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا طرفان ڏکڻ ايران ۾ هوائي حملا ڪيا ويا، جنهن دوران ڊرون لانچنگ ٿاڪن ۽ ايراني ٻيڙين کي نشانو بڻايو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايران ۾ هوائي حملا ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڊرون لانچنگ ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو.
سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته آمريڪي فورسز ايران جي ڊرون لانچنگ ٿاڪن کي نشانو بڻايو.
سينٽ ڪام موجب، بارودي سرنگون وڇائيندڙ ايراني ٻيڙين کي پڻ نشانو بڻايو ويو.
سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوج جاري جنگ بندي دوران صبر جو مظاهرو ڪندي ۽ پنهنجي فوجن جو دفاع ڪندي.
ان کان اڳ ايران جي شهر بندر عباس ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا هئا.
ايراني ميڊيا چيو هو ته بندر عباس ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ڳڻتيءَ جي ڪا به ڳالهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.