ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 2400 رپين جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 2 هزار 400 رپيا لاٿ کانپوءِ 4 لک 75 هزار 362 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2 هزار 57 رپيا سستو ٿيڻ سان 4 لک 75 هزار 546 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 24 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 4530 ڊالر ٿي وئي آهي.