رياست جي مداخلت سبب بيگناهه ماڻهو قتل ٿين پيا:امداد قاضي

حيدرآباد (پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفت الائنس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي ڪوئيٽا ۾ ٿيل بم ڌماڪي واري واردات تي انتهائي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غير  متعلقا رياستي ادارن جي قيادت طرفان مسلسل مداخلت، غير نمائندا  اسيمبليون، ڪٺ پتلي حڪمران، استحصال، حق مارڻ ، رياستي جبر ۽ پرامن عوام دوست جمهوريت پسند قوتن جي رستي ۾ رنڊڪون وجهڻ جي سزا اڄ سوين بي گناهه خاندان ڀوڳي رهيا آهن، هن چيو ته هڪ طرف حڪمران پاڻ پرڏيهي مداخلت جو اظهار ۽ اعتراف به ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف پاڻ جمهوريت پسند، پرامن ۽ آئيني حدن اندر رهندي جدوجهد ڪندڙ سياسي قوتن کي برداشت نه ڪري آخر انهن کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن، انھن کي ڪھڙي رستي طرف ڌڪيو پيو وڃي؟ نفرت هميشه نفرت کي ۽ تشدد هميشه جوابي تشدد کي ئي جنم ڏيندو آهي، ڪامريڊ امداد قاضي سمورن ڏکويل وارثن ۽ متاثر خاندانن سان ٻڌي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته وفاق توڙي ٻين رياستن ۾ فوري طور تي عوام جون نمائندا سياسي حڪومتون قائم ڪيون وڃن، انهن وسيلي سياسي عمل ذريعي سمورا پراڻا مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.