ڄامشورو( ڊ ر) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگردياڻي سوڀ خاصخيلي کي مبينا طور هراسان ڪرڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، ايڊيشنل سيشن جج ڄامشورو مبينا طور الزام هيٺ آيل پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف علي ابڙو خلاف فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي دستاويزن موجب مهراڻ يونيورسٽي جي ايم فل پروگرام جي شاگردياڻي سوڀ خاصخيلي عدالت سان رابطو ڪيو، هن موقف اختيار ڪيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ڪاشف علي ابڙو پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي جسماني ۽ ذهني هراسان ڪرڻ، نامناسب روين، اڻ وڻندڙ جسماني رابطن ۽ غير اخلاقي ورتاءَ جو نشانو بڻايو،27 اپريل 2026 تي ٻن شاگردن سان گڏ پروفيسر ڪاشف ابڙو يونيورسٽي اندر آفيس ۾ گهرايو جتي شاگردن کي هڪ هڪ ڪري اندر سڏيو ويو، بعد ۾ ٻين شاگردياڻين کي آفيس کان ٻاهر موڪلي مون کي اڪيلي سر آفيس اندر روڪيو ويو، نامن اسب طريقي سان هراسان ڪيو ويو.