دوحا(عوامي آواز نيوز) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي قطر جي راڄڌاني دوحا پهچي ويا آهن۔ ايران جا ٻئي سينيئر عملدار قطر جي وزيراعظم سان اهم علائقائي ۽ سفارتي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا۔ ڳالهين ۾ جنگ جي خاتمي، آبناءِ هرمز ۽ ايراني فنڊن سميت اهم معاملا غور هيٺ آهن۔برطانوي خبر رساں اداري موجب ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي دوحا ۾ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمن آل ثاني سان ملاقات لاءِ پهتا، جتي هو قطري عملدارن سان اهم سفارتي ڳالهيون ڪندا۔هڪ عملدار موجب اهي ڳالهيون ٽن مهينن کان جاري جنگ جي خاتمي جي مقصد تحت ٿي رهيون آهن۔ رپورٽ موجب ڳالهين ۾ ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل پاران جاري جنگ جي خاتمي بابت سفارتي ڪوششن تي خيال ونڊيو ويندو۔ايراني سرڪاري خابرو اداري ’ارنا‘ پڻ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ اعليٰ ايراني وفد جي قطر پهچڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته انهن ملاقاتن ۾ آمريڪا سان جاري ڳالهين جي مختلف پهلوئن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي امڪانن تي به ڳالهيون ڪيون وينديون۔