گوگل ڪروم ويب برائوزر لاءِ انتهائي اهم سيڪيورٽي اپ ڊيٽ جاري ڪئي آهي.
گوگل واهپيدارن کي زور ڀريو آهي ته هو ڪروم ويب برائوزر کي فوري اپ ڊيٽ ڪري ڇڏين ته جيئن تازو سامهون اچڻ واري سيڪيورٽي ڪمزورين کان پاڻ کي محفوظ ڪري سگهن.
رپورٽ موجب ان اپ ڊيٽ سان رپورٽ ۾ موجود اهڙين سيڪيورٽي خامين کي فڪس ڪيو ويو آهي جنهن کي هيڪرز استعمال ڪن ٿا.
گوگل پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نئين اپ ڊيٽ ۾ ڪروم ۾ موجود 2 وڏين سيڪيورٽي خامين کي فڪس ڪيو ويو آهي.
گوگل تصديق ڪئي آهي ته اهي وڏيون سيڪيورٽي خاميون هيون ۽ جيئن ان تي قابو نه ڪري سگهجي ته واهپيدار جي سيڪيورٽي متاثر ٿيندي آهي.
گوگل ڪروم دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويندڙ ويب برائوزر آهي ۽ ان ئي سبب ان ۾ سيڪيورٽي خاميون وڏو نقصان پهچائي سگهن ٿيون.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪروم برائوزر کي اپ ڊيٽ ڪيئن ڪيو وڃي؟
عام طور تي گوگل ڪروم پاڻمرادو اپ ڊيٽ ٿي ويندو آهي. جيئن توهان کي ڄاڻ ناهي ته برائوزر اپ ڊيٽ ٿي ويو آهي يا نه ته ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪلڪ ڪري سيٽنگز ۾ وڃو. اُتي ابائوٽ ڪروم تي ڪلڪ ڪريو جيڪو پيج جي کاٻي پاسي سڀ کان هيٺ هوندو. ان کانپوءِ ڪروم پاران ٻڌايو ويندو ته براوزر اپ ڊيٽ ٿي ويو آهي، جيئن نه هوندو ته هو اپ ڊيٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو. ان کانپوءِ بس ري لائونچ ڪندا ته ڪروم اپ ڊيٽ ٿي ويندو.