يونيورسٽيون ڪنھن به سماج جي فڪري اوسر، تنقيدي شعور ۽ نوجوان نسل جي ذهني تعمير جا مرڪز سمجهيون وينديون آهن. اهي اهڙيون جايون هجڻ گهرجن جتي نوجوان پنھنجي صلاحيتن کي نکارين، سوال ڪرڻ سکن، اختلاف کي برداشت ڪرڻ ۽ پنھنجي شخصيت کي متوازن انداز ۾ اوسارڻ جا موقعا حاصل ڪن. پر سنڌ سميت پاڪستان جي ڪيترين ئي يونيورسٽين اندر هڪ اهڙي خاموش ۽ پيچيدھ حقيقت جنم وٺي رهي آهي، جنھن تي سنجيدہ سماجي بحث اڃا تائين محدود آهي ۽ اھا آھي نوجوانن ۾ وڌندڙ نشي جو رجحان.
هي مسئلو هاڻي ڪنھن هڪ جنس، طبقي يا مخصوص ماحول تائين محدود ناهي رهيو. ڇوڪرا هجن يا ڇوڪريون، شهري هجن يا ٻهراڙيءَ مان ايندڙ، امير هجن يا محدود وسيلن وارا، ڪيترائي نوجوان مختلف صورتن ۾ ذهني دٻاءُ، اڪيلائيءَ، identity crisis ۽ سماجي مقابلي جي اهڙي دائري ۾ ڦاسي رهيا آهن، جتي نشو کين عارضي فرار جو رستو محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. اسان جو سماج اڪثر نشي کي صرف اخلاقي ڪمزوري يا خراب صحبت جو نتيجو قرار ڏئي مسئلي کي تمام سادي انداز ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جڏهن ته سماجيات، نفسيات ۽ جديد سماجي نظرين مطابق انساني رويا سدائين پنھنجي سماجي ماحول، معاشي حالتن ۽ نفسياتي دٻاءَ سان ڳنڍيل هوندا آهن.
فرانسيسي سماجيات دان ايمائل درکائم Anomie جو تصور پيش ڪيو هو، جنھن مطابق جڏهن سماج جا روايتي قدر ڪمزور ٿي وڃن ۽ فرد پنھنجي سڃاڻپ، مقصد يا تعلق جي احساس کان محروم ٿيڻ لڳي، تڏهن هو ذهني ڀڃ ڊاهه ۽ تباهيءَ واري رويي ڏانھن وڌي سگهي ٿو. اڄ جي يونيورسٽين جو ماحول ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اهڙي ئي anomic condition پيدا ڪري رهيو آهي. هڪ پاسي نوجوانن کي چيو وڃي ٿو ته هو معاشري جا جديد، آزاد ۽ ڪامياب فرد بڻجن؛ ٻئي پاسي کين خاندان، ثقافت ۽ سماج جون روايتي اميدن جو بار به کڻڻو پوي ٿو. نتيجي طور ڪيترائي شاگرد ٻن مختلف دنيائن جي وچ ۾ ڦاسي پون ٿا. نه هو مڪمل طور روايتي سماجي ڍانچي سان جڙيل رهي سگهن ٿا، نه ئي جديد شهري ثقافت ۾ مڪمل قبوليت حاصل ڪري سگهن ٿا.
سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ڪيترائي شاگرد ٻهراڙيءَ يا ننڍن شهرن مان اچن ٿا. جڏهن اهي وڏن شهري ڪيمپس ۾ داخل ٿين ٿا ته کين رڳو نصابي فرق نه، پر ثقافتي فرق به شدت سان محسوس ٿئي ٿو. انگريزي ڳالهائڻ جو دٻاءُ، مخصوص لباس، سوشل ميڊيا تي perfect lifestyle جي نمائش، جديد ڪيفي ڪلچر ۽ elite circles ڪيترن نوجوانن ۾ احساسِ ڪمتري پيدا ڪن ٿا. هڪ شاگرد جيڪو پنھنجي ڳوٺ ۾ ذهين، بااعتماد ۽ قابل سمجهيو ويندو هو، اهو ئي شاگرد يونيورسٽيءَ ۾ اچي پاڻ کي less worthy محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. هو پنھنجو لهجو لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پنھنجي معاشي حقيقت کي لڪائي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن قبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ مصنوعي طرزِ زندگي اختيار ڪري ٿو. اھڙو مسلسل نفسياتي دٻاءُ ھن اندر identity crisis پئدا ڪري ٿو.
جديد سماجيات ۾ Consumer Culture Theory پڻ هن مسئلي کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. هن نظرئي مطابق جديد سماج ۾ فرد جي قدر کي سندس ڪردار يا سوچ بدران سندس lifestyle، appearance ۽ consumption patterns سان ماپيو وڃي ٿو. يونيورسٽين ۾ به ڪيترائي نوجوان اهڙي ئي ثقافت جو حصو بڻجي چڪا آهن، جتي branded لباس، جديد فون، expensive hangouts ۽ social media presence سماجي قبوليت جا اڻ لکيل ماڻ ماپا بڻجي وڃن ٿا.
اهڙي ماحول ۾ peer groups جو اثر تمام طاقتور بڻجي وڃي ٿو. نوجوانيءَ جي عمر ۾ قبوليت حاصل ڪرڻ جي خواهش فطري هوندي آهي. جڏهن ڪنھن دوستن جي گروهه ۾ سگريٽ، vape، شراب يا ٻيون منشيات modernity، boldness يا coolness جي علامت طور پيش ڪيون وڃن، تڏهن ڪيترائي شاگرد صرف پاڻ کي fit in ڪرڻ لاءِ انھن شين ڏانھن وڌڻ لڳن ٿا.
گهڻا نوجوان نشي جي شروعات شوق يا عادت جي نيت سان ناهن ڪندا؛ پر دوستن جي اصرار، چٿرن جي خوف، rejection کان بچڻ يا different نه لڳڻ جي خواهش سبب پهريون قدم کڻندا آهن. ڪن لاءِ اهو صرف هڪ ڀيرو هوندو آهي، پر آهستي آهستي اهو نفسياتي ۽ سماجي انحصار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. افسوسناڪ حقيقت اها به آهي ته ڪيترين يونيورسٽين ۽ هاسٽلن جي چوڌاري منشيات تائين پھچ تمام سولي ٿي چڪي آهي. غير رسمي نيٽ ورڪ، مخصوص circles ۽ نگرانيءَ جي کوٽ سبب شاگردن تائين مختلف نشي آور شين جي پهچ هاڻي ڪو ڏکيو ڪم نه رهيو آهي. جڏهن availability وڌي وڃي ۽ awareness گهٽ هجي، تڏهن نوجوان وڌيڪ خطري ۾ اچي وڃن ٿا.
هي مسئلو صرف يونيورسٽين تائين محدود ناهي؛ ان جون پاڙون گهڻو ڪري گهرن ۽ ابتدائي تربيت تائين وڃن ٿيون. اسان جي سماج ۾ ڪيترن ٻارن جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿئي ٿي، جتي والدين وٽ وقت جي گهٽتائي، جذباتي رابطي جي کوٽ ۽ اخلاقي تربيت ۾ عدم تسلسل موجود هوندو آهي. ڪجهه گهرن ۾ ٻارن کي صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ بدران صرف حڪم ۽ پابندين تائين محدود تربيت رهجي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي بغير ذميواريءَ جي مڪمل آزادي ڏني وڃي ٿي.
نتيجي طور ڪيترائي نوجوان يونيورسٽيءَ ۾ پهچڻ تائين اندروني اخلاقي مضبوطِي، self-discipline ۽ decision-making maturity مڪمل طور نٿا اسري سگهن. جڏهن اهڙا نوجوان peer pressure ، identity crisis ۽ آزاد ماحول سان ٽڪرائن ٿا، تڏهن هو سولائيءَ سان متاثر ٿي سگهن ٿا.خانگي يونيورسٽين ۾ هي دٻاءُ گهڻو ڪري lifestyle competition ۽ social image سان جڙيل هوندو آهي، جڏهن ته سرڪاري يونيورسٽين ۾ سياسي گروهه بندي، هاسٽل ڪلچر، علائقائي سڃاڻپ ۽ غير رسمي طاقتور گروهن جو اثر وڌيڪ نمايان هوندو آهي. ڪيترائي نوجوان ڪنھن نه ڪنھن گروهه سان لاڳاپيل ھجڻ کي پنھنجي survival strategy سمجهن ٿا. اهڙي ماحول ۾ ڪڏهن ڪڏهن نشو group bonding يا social acceptance جو حصو بڻجي ويندو آهي.
ڇوڪرين جي صورتحال ڪجهه حوالن سان وڌيڪ پيچيدہ آهي. ڇوڪريون هڪ ئي وقت تعليمي مقابلي، سماجي فيصلن، خاندان جي اميدن ۽ ذاتي آزاديءَ جي حدن جي وچ ۾ زندگي گذارين ٿيون. جيڪڏهن ڪنھن ڇوڪريءَ کي ذهني دٻاءُ يا substance abuse جهڙو مسئلو پيش اچي، ته هوءَ گهڻو ڪري ان بابت ڳالهائڻ کان ڊڄي ٿي، ڇو ته اسان جو سماج عورتن تي وڌيڪ سخت اخلاقي فيصلا مڙهي ٿو. سوشل ميڊيا پڻ هن بحران کي وڌيڪ تيز ڪيو آهي. Instagram ۽ TikTok جهڙن پليٽفارمن نوجوانن ۾ هڪ اهڙي performed identity پيدا ڪئي آهي، جتي هر ڪو پاڻ کي خوش، successful ۽ socially accepted ڏيکارڻ گهري ٿو. حقيقت ۽ نمائش جي وچ ۾ وڌندڙ فاصلو ڪيترن نوجوانن کي اندروني طور خالي ۽ غير مطمئن بڻائي رهيو آهي.
اسان جي يونيورسٽين جو سڀ کان وڏو الميو شايد اهو آهي ته هتي شاگردن جي ذهني صحت کي اڃا تائين سنجيدہ ادارتي مسئلو نٿو سمجهيو وڃي. counseling centers يا ته موجود ناهن يا غير فعال آهن. استادن کي نفسياتي دٻاءُ جي سڃاڻپ جي تربيت ناهي. هاسٽلن ۾ نگرانيءَ کان وڌيڪ غير رسمي طاقتور گروهن جو اثر نظر اچي ٿو. والدين به اڪثر صرف تعليمي نتيجن تي ڌيان ڏين ٿا، جڏهن ته نوجوانن جي جذباتي دنيا خاموشي سان ٽٽندي رهي ٿي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته يونيورسٽيون صرف ڊگريون ڏيڻ وارا ادارا نه رهن، پر نوجوانن جي ذهني، سماجي ۽ جذباتي تحفظ جا مرڪز پڻ بڻجن. هر يونيورسٽيءَ ۾ فعال psychological support systems، confidential counseling، peer mentoring programs ۽ mental health awareness campaigns لازمي هجڻ گهرجن. منشيات جي فراهميءَ خلاف سخت ادارتي نگراني، هاسٽلن جي ماحول جي سڌاري ۽ مثبت co-curricular سرگرمين جي واڌاري تي سنجيدگيءَ سان ڪم ٿيڻ گهرجي.
والدين کي به صرف فيس ڀرڻ يا تعليمي نتيجن تائين محدود ذميواريءَ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. ٻارن سان مسلسل گفتگو، اخلاقي تربيت، جذباتي موجودگي ۽ صحيح ۽ غلط بابت شعور پيدا ڪرڻ تمام ضروري آهي. ڇو ته مضبوط شخصيتون صرف نصابي تعليم سان نه، پر متوازن تربيت سان تيار ٿينديون آهن. نشي جو مسئلو صرف منشيات جو مسئلو ناهي؛ اهو هڪ اهڙي نسل جو بحران آهي، جيڪو قبوليت، سڃاڻپ، ذهني سڪون ۽ پنھنجي وجود جي معنيٰ ڳولي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان پنھنجي نوجوانن کي رڳو سزا ڏينداسين پر انھن جي خاموش ذهني جنگ کي نه سمجهنداسين، ته اسان شايد ڊگريون ته ڏيندا رهنداسين، پر اندر کان ٽٽل، اڻپورو ۽ پنھنجي ئي وجود کان اجنبي بڻيل نسل تيار ڪندا رهنداسين.