ووٽر جي عمر: سنجيده بحث يا غير ضروري منجهارو؟

علي محمد ڍلون

هن وقت ملڪ ۾ تجويز ڪيل 28 هين آئيني ترميم جي حوالي سان مختلف خبرون، اڳڪٿيون ۽ سياسي تبصرا مسلسل سامھون اچي رهيا آهن. جيتوڻيڪ هن ترميم جو حتمي مسودو اڃا تائين عوام جي سامھون ناهي آيو، تنهن هوندي به سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ اها ڳالهه زيرِ بحث آهي ته ان ۾ انتخابي اصلاحات، ووٽر جي عمر، صوبائي انتظامي ڍانچي ۽ حڪومتي مدتي جھڙا اهم آئيني ۽ انتظامي معاملا شامل ٿي سگهن ٿا. ان قسم جون خبرون فطري طور تي عوام ۽ دانشورن ٻنهي جي توجھه پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون، ڇاڪاڻ ته آئين صرف هڪ قانوني دستاويز ناهي هوندو پر ڪنهن به رياست جي فڪري، سياسي ۽ انتظامي رخ جو تعين ڪندو آهي. تنهن هوندي، ان سموري بحث جي وچ ۾ هڪ بنيادي سوال پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي: ڇا هن وقت رياست ۽ سماج کي جن مسئلن جو سامھون آهي، انهن جي مقابلي ۾ اهي آئيني بحث وڌيڪ اهم آهن يا گهٽ؟

هي سوال جذباتي ناهي پر عملي ۽ زميني حقيقتن سان جڙيل آهي. هڪ عام شهريءَ لاءِ مھنگائي، بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون، روزگار جي کوٽ ۽ معاشي بي يقيني ڪٿي وڌيڪ تيز ۽ سنگين مسئلا آهن. اهڙي حال ۾ جڏهن رياستي سطح تي وڏين آئيني تبديلين جي ڳالهه ٿئي ٿي، ته عوام جي ذهن ۾ اهو سوال اڀرڻ فطري آهي ته ڇا انهن تبديلين جو سڌو سنئون فائدو انهن جي زندگين تائين پهچندو يا نه؟

ووٽر جي عمر بابت بحث کي جيڪڏهن اصولن ۽ جمهوري تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته هي ڪا غير معمولي يا نئين ڳالهه ناهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وقت به وقت اهو سوال اٿاريو ويندو آهي ته سياسي عمل ۾ نوجوانن جي شرڪت ڪهڙي حد تائين هجڻ گهرجي. ڪجهه رياستن ووٽ ڏيڻ جي عمر گهٽ ڪري سياسي شرڪت کي وسعت ڏني آهي ته جيئن نوجوان نسل کي فيصلي سازيءَ ۾ وڌيڪ ڪردار ڏئي سگهجي. ان جي برعڪس، ڪجهه ملڪ ان عمر کي برقرار رکندا آهن ته جيئن سياسي شعور ۽ ذميواريءَ جي معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. ان ڪري اصولي طور تي هي هڪ جمهوري ۽ آئيني بحث آهي، جنهن جو تعلق ڪنهن هڪ حڪومت يا سياسي جماعت سان ناهي پر رياست جي مستقبل سان آهي. اهڙي ئي طرح حڪومتي مدت، صوبائي انتظامي ورهاست ۽ ادارتي سڌارا به آئيني نظام جو حصو آهن. جمهوري رياستون پنهنجي تجربن ۽ بدلجندڙ حالتن جي مطابق پنهنجي ڍانچي ۾ تبديليون ڪنديون رهنديون آهن. ان عمل جو مقصد ڪڏهن نظام کي بھتر بڻائڻ، اختيارن جي ورهاست کي واضح ڪرڻ، يا عوامي نمائندگي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ هوندو آهي.

 

اڄ جو عام شهري رڳو آئيني اصطلاحن يا قانوني شقن ۾ ناهي منجهيل، پر هو پنهنجي گهريلو بجيٽ، روزمره جي خرچن ۽ معاشي دٻاءُ ۾ گهيريل آهي. ان لاءِ سوال اهو ناهي ته ووٽر جي عمر ڇا هجڻ گهرجي، پر اهو آهي ته هن جي آمدني مھنگائيءَ جو مقابلو ڇو نٿي ڪري سگهي. هي حقيقت به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته ڪنهن به ملڪ ۾ آئيني سڌارا هڪ پيچيده ۽ سنجيده عمل هوندو آهي. هي عمل رات وچ ۾ ناهي ٿيندو ۽ نه ئي رڳو سياسي تقريرن يا ميڊيا جي بحثن سان مڪمل ٿيندو آهي. ان لاءِ وسيع مشاورت، قانوني ماهرن جي راءِ ۽ پارلياماني اتفاقِ راءِ ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن هي عمل شفاف ۽ سڀني کي شامل ڪندڙ انداز ۾ ٿئي ته هي نظام کي مضبوط ڪندو آهي.

ٻئي طرف اها به هڪ حقيقت آهي ته هر دور ۾ حڪومتون پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بھتر ڏيکارڻ لاءِ وڏا وڏا منصوبا ۽ اصلاحاتي بيانيا پيش ڪنديون رهيون آهن. ڪڏهن اهي اصلاحات معيشت جي حوالي سان هونديون آهن، ڪڏهن ادارتي ڍانچي جي باري ۾، ته ڪڏهن آئيني سطح تي. پر عوام انهن سمورن قدمن کي انهن جي نتيجن مان پرکيندو آهي، نعرن يا دستاويزن سان ناهي پرکيندو. جيڪڏهن معاشي حالتون بھتر ٿين، روزگار جا موقعا وڌن، ۽ بنيادي سهولتون ميسر هجن ته عوامي اعتماد به مضبوط ٿيندو آهي. بين الاقوامي سطح تي به اهو ئي اصول ڪارفرما آهي ته رياست جي ساک رڳو ان جي آئيني ڍانچي سان ناهي پر ان جي معاشي ۽ سفارتي ڪارڪردگيءَ سان به جڙيل هوندي آهي. بيروني دورن ۽ سفارتي رابطن جو مقصد اصولي طور تي سيڙپڪاري، واپار ۽ لاڳاپن کي بھتر بڻائڻ هوندو آهي. پر انهن دورن جا نتيجا ان وقت تائين غير اثرائتا سمجهيا ويندا آهن، جيستائين انهن جو فائدو سڌو سنئون عوام تائين نه پهچي. اهو ئي سبب آهي جو عوام اڪثر حڪومتي سرگرمين ۽ انهن جي عملي اثرن جي وچ ۾ فرق محسوس ڪندو آهي.

سياسي تاريخ اها به ٻڌائي ٿي ته اقتدار جو تسلسل ڪنهن به نظام ۾ مستقل ناهي هوندو. مختلف دورن ۾ ايندڙ حڪومتون پنهنجي پنهنجي انداز ۾ اصلاحات ڪنديون رهيون آهن، پر وقت سان گڏوگڏ انهن جا اثر ۽ نتيجا سامھون ايندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي اصلاحات نظام کي مضبوط ڪنديون آهن ته ڪڏهن ڪڏهن انهن تي تنقيد به سامھون ايندي آهي. اها ئي جمهوريت جي خوبصورتي به آهي ۽ ان جي پيچيدگي به.

اصل سوال اهو نه هجڻ گهرجي ته ڪهڙي ترميم اچي رهي آهي يا ڪهڙي سياسي جماعت ان جي حمايت ڪري رهي آهي، بلڪه اصل سوال اهو هجڻ گهرجي ته ڇا اهي سموريون تبديليون عوامي فلاح جي وسيع مقصد سان مطابقت رکن ٿيون يا نه؟ جيڪڏهن سڌارا جو رخ عوامي زندگيءَ کي بھتر بڻائڻ طرف آهي ته اهي مثبت سمجهيون وينديون، پر جيڪڏهن انهن جو محور رڳو سياسي طاقت جو مرڪوز ٿيڻ آهي ته پوءِ اهي بحث جو موضوع ضرور بڻجنديون. هي به هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته عوامي سطح تي مايوسي ان وقت جنم وٺندي آهي، جڏهن کين اهو محسوس ٿئي ته فيصلا انهن لاءِ نه پر انهن جي مٿان ڪيا پيا وڃن. جمهوري نظام جو اصل روح اهو ئي آهي ته عوام کي نه رڳو ووٽ جو حق حاصل هجي پر هو اهو به محسوس ڪن ته انهن جو ووٽ واقعي تبديليءَ جو ذريعو بڻجي ٿو. جيڪڏهن اهو اعتماد ڪمزور ٿي وڃي ته سڄو نظام ڪمزور ٿي ويندو آهي.

سو  اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته آئيني سڌارا ۽ سياسي بحث پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر انهن جو اصل قدر ان وقت واضح ٿيندو آهي جڏهن اهي عوامي زندگيءَ ۾ بھتريءَ جو سبب بڻجن. ووٽر جي عمر هجي، حڪومتي مدت هجي يا انتظامي ڍانچو اهي سڀئي معاملا ان وقت ئي معنيٰ خيز ٿيندا آهن جڏهن انهن جي نتيجي ۾ عام شهريءَ جي زندگي بھتر ٿئي. ورنه اهي سمورا بحث رڳو ڪاغذي ڪارروائي يا سياسي ڳالهين تائين محدود رهجي ويندا آهن. هڪ متوازن رياست اها ئي هوندي آهي جيڪا آئيني استحڪام، سياسي شفافيت ۽ معاشي بھتريءَ کي گڏ کڻي هلي. جيڪڏهن انهن ٽنهي ۾ هم آهنگي هجي ته نظام مضبوط ٿيندو آهي، ۽ جيڪڏهن انهن ۾ ڏوراپو پيدا ٿي وڃي ته سماج عدم توازن جو شڪار ٿي ويندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بحث جذبات سان نه پر دليل سان ڪيا وڃن، ۽ فيصلا وقتي سياسي فائدي بجاءِ دائمي قومي مفاد کي سامھون رکي ڪيا وڃن.

 

3

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.