ڪراچي(پ ر)سنڌ بار ڪائونسل، سنڌ حڪومت جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن سعيد احمد ميمڻ جي اغوا واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي انتهائي افسوسناڪ، غيرقانوني ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي۔سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين اشتیاق احمد میمڻ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين ایاز حسین تنیو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته سعيد احمد ميمڻ کي سندس ٻارن ۽ ساٿين سميت اغوا ڪرڻ نه رڳو قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي، پر اهو شهرين جي بنيادي آئيني حقن تي حملو پڻ آهي۔هنن وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار، بلوچستان حڪومت ۽ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته سعيد احمد ميمڻ جي فوري ۽ محفوظ بازيابي يقيني بڻائي وڃي۔ بيان ۾ مغوي ۽ سندس وارثن جي تحفظ تي پڻ زور ڏنو ويو آهي۔سنڌ بار ڪائونسل واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته ملوث عنصرن کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جيئن عوام ۾ پکڙيل بيچيني ۽ خوف ختم ٿي سگهي۔سنڌ بار ڪائونسل هن ڏکئي گهڙي ۾ سعيد احمد ميمڻ جي وارثن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو آهي۔