واشنگٽن/تهران(ع آ نيوز) آمريڪا ۽ ايران ۾ معاهدي لاءِ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، جڏهن ته ٽرمپ پنهنجي ٽرٿ سوشل فورم تي جنگ کي باءِ باءِ جو لفظ لکي شيئر ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان معاهدي ۾ ٻيا مسلم ملڪ به شامل ٿيندا. آمريڪي ميڊيا آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت جا اهم نقطا سامهون آڻي ڇڏيا آهن. آمريڪي ميڊيا رپورٽ موجب آبناءِ هرمز کوليو ويندو، ايران ڪنهن به قسم جي فيس وصول نه ڪندو ۽ پاڻ طرفان وڇايل بارودي سرنگهون به هٽائيندو. رپورٽ موجب ان جي جواب ۾ آمريڪا ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي ختم ڪندو ۽ ايران کي تيل جي آزاداڻي وڪري جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته هڪ آمريڪي عهديدار موجب اهو سڀ ڪجهه معاهدي تحت جنگ بندي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ دوران عمل ۾ آندو ويندو. آمريڪي عهديدار موجب مفاهمتي يادداشت ۾ اهو واعدو پڻ شامل هوندو ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو، جڏهن ته يورينيم رچائڻ جي پروگرام جي معطلي ۽ انتهائي رچيل يورينيم جي ذخيرن جي خاتمي بابت به ڳالهيون ڪيون وينديون. آمريڪي عهديدار موجب تازو مقرر ڪيل آمريڪي فوجون خطي ۾ موجود رهنديون ۽ حتمي معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ واپس وينديون، جڏهن ته مسودي ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ويڙهه بند ڪرائڻ جو ذڪر به شامل هوندو. رپورٽ موجب وائيٽ هائوس پراميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر باقي رهيل اختلاف ختم ڪري آچر تي ئي معاهدي جو اعلان ڪيو ويندو. آمريڪي نيوز ايجنسي جي هڪ رپورٽ موجب، آمريڪي عملدارن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي دستخط ڪيا ويندا، جيڪو 60 ڏينهن لاءِ صحيح هوندو ۽ ان کي وڌائي سگهجي ٿو. نيوز ايجنسي، ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته ايران چاهي ٿو ته فوري طور تي منجمد فنڊ جي بحالي ۽ مستقل پابنديون ختم ڪيون وڃن، پر آمريڪي موقف اهو آهي ته اهي قدم عملي رعايتون ڏيڻ کان پوءِ ئي کنيا ويندا. ذريعن موجب، ايران ثالثي ڪندڙ ملڪن ذريعي آمريڪا کي زباني طور تي يقين ڏياريو آهي ته هو يورينيم افزودگي کي محدود ڪرڻ ۽ حساس ايٽمي مواد تي رعايتون ڏيڻ لاءِ تيار آهي.ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ٽرٿ سوشل تي پنهنجي مڪمل بيان ۾، چيو آهي ته ايران سان اڳوڻو ايٽمي معاهدو آمريڪي تاريخ ۾ بدترين معاهدن مان هڪ هو، جيڪو بارڪ اوباما ۽ سندس انتظاميا جي دور ۾ ٿيو هو. هن چيو ته اهو معاهدو ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي طرف هڪ سڌو قدم هو، جڏهن ته، سندس انتظاميا پاران ايران سان جاري ڳالهيون ان جي ابتڙ آهن. صدر ٽرمپ جي مطابق، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون منظم ۽ تعميري انداز ۾ جاري آهن ۽ هن پنهنجي نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به معاهدي ۾ جلدي نه ڪن ڇاڪاڻ ته وقت آمريڪا جي طرف آهي. هن چيو ته ايران تي آمريڪي پابنديون ان وقت تائين برقرار رهنديون جيستائين هڪ معاهدو حتمي، تصديق ٿيل ۽ دستخط نه ٿئي ۽ ڌرين کي انتهائي احتياط سان اڳتي وڌڻو پوندو. ٽرمپ زور ڏنو ته غلطي جي ڪا به گنجائش ناهي ۽ آمريڪا-ايران لاڳاپا وڌيڪ پيشه ورانه ۽ مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، پر ايران کي سمجهڻ گهرجي ته اهو ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي. هن وچ اوڀر جي ملڪن جي تعاون لاءِ شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هي تعاون مستقبل ۾ مضبوط ٿيندو، خاص طور تي ابراهيم معاهدن ۾ انهن جي شرڪت ذريعي. هن اهو به اشارو ڏنو ته ايران مستقبل ۾ انهن معاهدن جو حصو بڻجڻ ۾ دلچسپي رکي سگهي ٿو. رپورٽ موجب، آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته وائيٽ هائوس کي اميد آهي ته باقي مسئلا ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ حل ٿي ويندا ۽ معاهدي جو اعلان اڄ، آچر تي ٿي سگهي ٿو. ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان ممڪن معاهدي تي گهڻا معاملا طئي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته آخري نقطن تي ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. هن اشارو ڏنو ته معاهدي جو باضابطه اعلان جلد ٿي سگهي ٿو. صدر ٽرمپ موجب، تجويز ڪيل معاهدو صرف آمريڪا ۽ ايران تائين محدود نه هوندو، پر ان ۾ ڪيترائي اهم مسلمان ملڪ به شامل هوندا. هن چيو ته معاهدي کان پوءِ آبناءِ هرمز کوليو ويندو، جنهن سان خطي ۾ تڪرار گهٽجڻ ۽ عالمي واپاري سرگرمين ۾ بهتري اچڻ جي اميد آهي. آمريڪي صدر چيو ته هن پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير سميت ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي قيادت سان رابطو ڪيو آهي. هن جي مطابق، سعودي عرب جي ولي عهد، گڏيل عرب امارات جي صدر، قطر جي امير سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ايران سان لاڳاپيل مفاهمت جي ياداشت تي ترڪي، مصر، اردن ۽ بحرين جي قيادت سان پڻ تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. ٽرمپ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم کي به پيش رفت کان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسين دنيا کي يقين ڏيارڻ لاءِ تيار آهيون ته اسان ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جا خواهشمند ناهيون. تهران مان جاري بيان ۾ ايراني صدر چيو ته اسان جو ڳالهين وارو وفد پنهنجي ملڪ جي عزت ۽ وقار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو. هن چيو ته اسين دنيا کي يقين ڏيارڻ لاءِ تيار آهيون ته اسان ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نٿا چاهيون. آمريڪا-ايران معاهدي جا تفصيل سامهون اچڻ جاري آهن، اڄ وڌيڪ اعلان متوقع آهن .سعودي ميڊيا مان هڪ وڏي دعويٰ سامهون آئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ه ٺاجج جو اعلان ڌرين جي بدران پاڪستان ڪندو، ۽ ڳالهين جو ايندڙ دور به 5 جون تي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. سعودي عرب جي نشريات، العربيه ۽ الحدث، اعليٰ سطحي ذريعن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڌرين جي غير موجودگي ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هڪ ممڪن عبوري معاهدي جو اعلان ڪندو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين جي ايندڙ دور لاءِ رستو هموار ڪندو.