ون ڊي ورلڊ ڪپ تي ڌيان آهي، سال اندر ڀلي ٽيم ٺاهينداسين: هيڊ ڪوچ

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن چيو آهي ته قومي ٽيم کي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي وچ وارن اوورز ۾ وڌيڪ اثرائتي بيٽنگ جي ضرورت آهي.
پي سي بي پوڊ ڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي مائڪ هيسن چيو ته ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي ون ڊي انٽرنيشنل اسڪواڊ تي مسلسل ڪم جاري آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جو هدف ايندڙ ڏيڍ سال ۾ هڪ بهترين ون ڊي اسڪواڊ تيار ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هوته تازي وائيٽ بال ڪئمپ نئين ٽيلنٽ کي پرکڻ جو بهترين موقعو مليو، نوجوان رانديگرن ۾ صلاحيت آهي پر کين وڌيڪ محنت ۽ وقت گهربل آهي.
مائڪ هيسن جو چوڻ هو ته پاور پلي ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ ۽ بالنگ ۾ تسلسل آڻڻ تي ڌيان آهي، فٽنس ۾ بهتريءَ سان ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي.
هيڊ ڪوچ چيو ته آسٽريليا خلاف سيريز نوجوان رانديگرن لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو بهترين موقعو آهي، آسٽريليا هڪ مضبوط مخالف آهي، تنهنڪري شوقينن کي گهرجي ته اهي ٽيم ۽ نوجوان رانديگرن جي ڀرپور حمايت ڪن.
مائڪ هيسن اهو به چيو ته پاڪستاني شوقين پُرجوش آهن ۽ سندن حمايت ٽيم لاءِ تمام گهڻي اهم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.