”پاڪستاني رانديگرن سان ٽهڪ ۽ ٽريوس هيڊ سان نو هينڊ شيڪ“ ڪوهلي جي هٿ نه ملائڻ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو

انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ رائل چئلينجرز بئنگلورو ۽ سن رائزرز حيدرآباد جي ميچ کانپوءِ ويرات ڪوهلي طرفان آسٽريلوي بيٽر ٽريوس هيڊ سان هٿ نه ملائڻ وارو معاملو ڪرڪيٽ جي دنيا بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
واضح رهي ته حيدرآباد ۾ کيڏيل ميچ ۾ جڏهن سن رائزرز حيدرآباد بئنگلورو کي شڪست ڏني هئي، ميچ ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جاي رانديگرن هٿ ملائڻ وقت ويرات ڪوهلي پيٽ ڪمنز ۽ اڀيشيڪ شرما سان ته هٿ ملايو، پر ٽريوس هيڊ کي نظرانداز ڪندي اڳتي وڌي ويو.
سوشل ميڊيا واهيپدارن ان عمل تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪوهلي پاڪستاني رانديگرن جي ڊريسنگ روم ۾ وڃي هٿ ملائي سگهي ٿو ته پوءِ ٽريوس هيڊ سان هٿ نه ملائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
ڪجهه واهپيدارن ان کي ”سپورٽس مين شپ“ جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو ته ميچ ختم ٿيڻ تي ڪاوڙ ميدان ۾ ئي ختم ٿيڻ گهرجي.
ٻئي پاسي ڪجهه مداحن دعويٰ ڪئي ته ميچ دوران ٽريوس هيڊ ويرات ڪوهلي کي تنگ ڪري رهيو هو ۽ سندس آئوٽ ٿيڻ تي عجيب انداز ۾ جشن ملهايو هو، جيڪو ڪوهلي کي سٺو نه لڳو.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ظهير خان ڪوهلي جي بچاءُ ۾ چيو ته ماڻهو ان ڪري تنقيد ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته هو ان دٻاءُ ۽ ”سليجنگ“ کان واقف نه آهن جيڪا آسٽريلوي رانديگر ميدان ۾ ڪندا آهن.
منوج تيواري موجب، ويرات ڪوهلي پنهنجون حدون چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، سندس اِهو قدم ظاهر ڪري ٿو ته ميدان ۾ ڪجهه اهڙو ٿيو آهي جيڪو کيس برداشت کان ٻاهر هو.
ٽريوس هيڊ ۽ ڀارت
ٽريوس هيڊ 2023 واري ورلڊ ڪپ فائنل ۾ ڀارت خلاف شاندار اننگز کيڏي هئي، جنهن کانپوءِ ڪجهه ڀارتي مداحن سندس ڪٽنب کي به سوشل ميڊيا تي ٽرول ڪيو هو، ان کان اڳ ورلڊ ٽيسٽ چيمپين شپ 2021 واري فائنل ۾ هن ڀارت خلاف سينچري اسڪور ڪري پليئر آف دي ميچ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هو.
سڀ کان اهم ڳالهه تي هينڊ شڪ جو هي تڪرار نئون ناهي، گذريل سال ايشيا ڪپ دوران ڀارتي ٽيم طرفان پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائڻ واري واقعي تي به گهڻو گوڙ ٿيو هو، جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سخت اعتراض پڻ واريو هو.
ياد رهي ته ويرات ڪوهلي 2023 واري ايشيا ڪپ دوران پاڪستاني رانديگرن جي ڊريسنگ روم ۾ وڃي ساڻن دوستاڻي ماحول ۾ ملاقات ڪئي هئي، سندس ان عمل کي سڄي دنيا ۾ راندين سان چاهه رکندڙن تمام گهڻو ساراهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.