اسرائيلي فورسز طرفان بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ روڪيل ”غزه فلوٽيلا“ (امدادي قافلي) جي ڪارڪنن کي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي، آزاد ٿيندڙ ڪارڪنن اسرائيلي انتظاميا تي قيد دوران سخت تشدد ۽ بدسلوڪي جا سنگين الزام لڳايا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، گلوبل صمود فلوٽيلا جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻن کي جنسي تشدد (ريپ سميت) جو نشانو بڻايو ويو.
ان کانسواءِ قيدين کي انتهائي ويجهي کان رٻڙ جي گوليون هنيون ويون، سندن هڏيون ڀڳيون ويون ۽ کين سخت مارڪٽ جو نشانو بڻايو ويو.
فرانسيسي ڪارڪن مريم حدجال ٻڌايو ته کيس چماٽون هنيون ويون، نامناسب انداز ۾ ڇهيو ويو، جسم جي مختلف حصن تي گوڏا هنيا ويا ۽ سندس وار ڇِڪيا ويا.
پاڪستاني فلاحي ڪارڪن سعد عيدِي الزام لڳايو ته کيس 4 ڏينهن حراست ۾ رکي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
ٻئي پاسي اسرائيلي جيل سروس ۽ فوج سمورن الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آهي ته سموريون دعوائون”غلط ۽ حقيقتن جي ابتڙ “ آهن.
هوڏانهن ڪئناڊا، جرمني ۽ اسپين پنهنجن شهرين سان بدسلوڪي جي تصديق ڪندي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي وزير اتمار بن گوير طرفان سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل وڊيو ۾ جنهن ۾ هٿ ٻڌي ويٺل قيدين جي تذليل ڪئي وئي هئي کي عالمي سطح تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. آمريڪا، برطانيا، فرانس، اسپين، آئرلينڊ ۽ ٻين ملڪن ان عمل کي توهين ۽ قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو.
اسرائيلي وزيراعظم بنيامن نيتن ياهو به پنهنجي وزير جي ان عمل تي تنقيد ڪندي چيو ته اهو اسرائيلي قدرن جي خلاف آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ان واقعي جي مذمت ڪئي ۽ باندي بڻايل ڪارڪنن جي ترت آزاديءَ جو مطالبو ڪيو.
ياد رهي ته هن قافلي ۾ 40 کان وڌيڪ ملڪن جا 430 رضاڪار شامل هئا، جن جو مقصد غزا جي عوام لاءِ خوراڪ، ٻارن جو کير ۽ طبي امداد پهچائڻ هو.
اسرائيل ان قافلي کي حماس جي مفاد ۾ هڪ ”اشتهاري حربو“ قرار ڏيندي غزا جي سامونڊي ناڪا بندي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
گڏيل قومن موجب، غزا ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي، جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب صحت جا سنگين مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.