اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ هيٽ ويو جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته آهي ته 25 مئي کان 31 مئي تائين گرمي پد معمول کان 6 درجا سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب، سنڌ جي اندروني ضلعن ۾ گرمي پد 50 درجا سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي شهرين، آبادگارن ۽ بزرگن کي هدايت ڪئي آهي ته هو غير ضروري طور ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ سخت گرمي کان احتياطي اپاءَ اختيار ڪن.