عيد خرچي گهرندڙ پوليس اهلڪارن مٿان ”پنڻ“ جا ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) عيد جي موقعي تي ’عيدِي‘ وٺندڙ پوليس اهلڪارن خلاف پنڻ (گداگري) جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
پوليس کاتي جو نالو بدنام ڪندڙن لاءِ زيرو ٽالرنس جي پاليسي تحت عيدِي جي نالي تي شهرين کي تنگ ڪندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي ۽ شهرين کان پئسا گهرندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب، ڊي آءِ جي آپريشنز فيلڊ آفيسرن کي اڳ ۾ ئي ڪنهن به غير قانوني عمل کان پاسو ڪرڻ جي سخت هدايت ڪئي هئي، پر شاهدره ۽ اسلام پورا وارن علائقن ۾ پوليس اهلڪارن طرفان شهرين کان عيدِي جي نالي تي پئسا گهرڻ جو انڪشاف سامهون آيو.
واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي آپريشنز ايس ڊي پي او اسلام پورا کي انڪوائري مارڪ ڪئي، جنهن ۾ شڪايت درست ثابت ٿيڻ تي لاڳاپيل پوليس اهلڪارن خلاف ٿاڻي شاهدره ۾ ڪيس نمبر 2548/26، جڏهن ته ٻيو ڪيس ٿاڻي اسلام پورا ۾ 1186/26 داخل ڪيو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته پوليس اهلڪارن خلاف قلم 155-سي ۽ گداگري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران چيو ته عوام کان پئسا گهري پوليس کاتي جي ساک خراب ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندڙن خلاف سخت قانوني ۽ کاتي ڪارروائي جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.