تهران (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير تهران ۾ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف سان ملاقات ڪئي آهي.
ايراني ميڊيا جاري ڪيل تفصيلن موجب، قاليباف ڳالهه ٻول دوران چيو ته ”اسان پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي حقن تان پوئتي نه هٽنداسين، خاص طور تي اهڙي ڌر (آمريڪا) سامهون جنهن ڪڏهن به سچائي ناهي ڏيکاري ۽ جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي.“
هن چيو ته ”اسان جي هٿياربند فوجن جنگ بندي دوران پاڻ کي ان طرح مضبوط ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ ٻيهر غلطي ڪئي ۽ جنگ شروع ڪئي ته اها جنگ آمريڪا لاءِ پهرئين ڏينهن کان وڌيڪ تلخ ۽ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندي.“
واضح رهي ته ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير گذريل ڏينهن تهران پهتو هو، جتي هن ايراني اختيارين سان خطي جي صورتحال ۽ سيڪيورٽي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه تهران ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان به ملاقات ڪئي، هي گذريل ڪجهه هفتن دوران سندس ايران جو ٻيو دورو آهي.
ايراني اختيارين موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير گذريل رات ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان به تفصيلي ملاقات ڪئي هئي جيڪا رات دير تائين جاري رهي.
ان کان اڳ گهرو وزير محسن نقوي به ڪجهه ڏينهن اندر ٻيو ڀيرو تهران جو دورو ڪري چڪو آهي، جتي هن ايراني اختيارين سان اهم ملاقاقون ڪيون.
ياد رهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ پاڪستان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ موجوده سفارتي سرگرمين کي ان ئي سلسلي جي ڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي.