دادو/ ڪي اين شاهه (رپورٽ:عزيز احمد ملڪ/ ارشد ٻگهيو) دادو ضلعي ۾ گهريلو تشدد ۽ جهيڙن جا افسوسناڪ واقعا وڌي ويا، مختلف علائقن ۾ پيش آيل ٽن ڌار ڌار واقعن دوران 6 مهينن جي ڳورهاري عورت قتل ٿي وئي، جڏهن ته ٽي عورتون ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، پوليس موجب سڀني واقعن جي جاچ جاري آهي پهرين افسوسناڪ واقعو خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ سيتائي چانڊيو ۾ پيش آيو، جتي 6 مهينن جي ڳورهاري عورت مجيده چانڊيو مبينا طور مڙس جي تشدد سبب فوت ٿي وئي، واقعي بعد جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٻئي واقعي ۾ دادو ڀرسان ڳوٺ نبي سولنگي ۾ گهريلو تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، جتي تشدد سبب عورتون صفوران ۽ هدايت خاتون زخمي ٿي پيون، ٻنهي زخمين کي رتورت حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب واقعي جو ڪيس چئن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي هوڏانهن جوهي ۾ به گهريلو تشدد جو ٽيون واقعو پيش آيو، جتي مائٽ جي وفات تي تعزيت لاءِ وڃڻ کان روڪڻ واري معاملي تان جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو جهيڙي دوران عورت افشان ۽ سندس والد زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو ايس ايس پي دادو صدام حسين خاصخيلي موجب سڀني واقعن جي مختلف پاسن کان جاچ جاري آهي ۽ ملوث جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.