انگ هڪ ارب 20 ڪروڙ: مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ ذهني دٻاءُ جو شڪار پر ڇو؟

پريشاني ۽ ذهني اداسي سبب سڄي دنيا ۾ ذهني بيمارين ۾ ورتل ماڻهن جو انگ هڪ ارب ويهه ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي.

سائنسي رسالي ”دي لانسيٽ“ ۾ ڇپيل تحقيق موجب گذريل ٽيهه سالن دوران ذهني بيمارين ۾ ورتل ماڻهن جي انگ ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻو واڌارو ٿيو آهي.

تحقيق موجب ان جو بنيادي سبب سڄي دنيا ۾ پريشاني ۽ ذهني اداسي جي ڪيسن ۾ نمايان واڌارو آهي.

تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٻه هزار ٽيويهه ۾ هڪ اندازي موجب سڄي دنيا ۾ هڪ ارب ويهه ڪروڙ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ذهني بيماري ۾ ورتل هئا.

اوڻيهه سئو نوي کان ٻه هزار ٽيويهه تائين ذهني بيمارين جي شرح ۾ پنجانوَي سيڪڙو واڌارو ٿيو، خاص طور ذهني اداسي ۽ پريشاني وارين بيمارين ۾، جن جي ڪيسن ۾ ترتيبوار هڪ سئو ايڪٽيهه ۽ هڪ سئو اٺونجاهه سيڪڙو واڌارو ٿيو.

اهڙي ريت اهي ٻئي سڄي دنيا ۾ سڀ کان عام ذهني بيماريون بڻجي ويون آهن.

ماهرن چيو ته سڄي دنيا جي ماڻهن جي ذهني صحت بابت مسئلن تي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، خاص طور انهن ماڻهن لاءِ جيڪي وڌيڪ خطري هيٺ آهن.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ دنيا ۾ ذهني بيمارين جي شرح وڌي رهي آهي، پر عورتون ان کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيون آهن.

سڄي دنيا ۾ ٻاهٺ ڪروڙ ڪيس عورتن ۾ سامهون آيا، جڏهن ته مردن ۾ اهو انگ پنجاهه ڪروڙ ويهه لک هو.

محققن موجب ان جو سبب هن وقت تائين مڪمل طور واضح ناهي، پر لڳي ٿو ته پاڻ تي اعتماد جي کوٽ، جسماني وزن بابت ڳڻتي ۽ گهريلو تشدد جهڙا سبب عورتن ۾ ذهني بيمارين جو خطرو وڌائين ٿا.

عورتن ۾ ذهني اداسي ۽ پريشاني سڀ کان وڌيڪ عام بيماريون آهن، جڏهن ته ذهني اداسي جي علامتن جو لاڳيتو رهڻ، ٻٽي ذهني ڪيفيت واري بيماري ۽ ٻيون ذهني بيماريون به عورتن ۾ وڌيڪ ڏٺيون وڃن ٿيون.

ان جي ڀيٽ ۾ مردن ۾ ورتاءُ سان لاڳاپيل بيماريون، جهڙوڪ ڌيان جي کوٽ ۽ آٽزم جي شرح وڌيڪ آهي.

تحقيق مان خبر پئي ٿي ته پندرهن کان اڻويهه ورهين جي ماڻهن ۾ ذهني صحت جي مسئلن جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.