استنبول(ويب ڊيسڪ)غزا ويندڙ عالمي ”صمود فلوٽيلا“ جا استنبول پهتل گهڻا ڪارڪن انتهائي خراب حالت ۾ ترڪيه پهتا،
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي تشدد سبب فلوٽيلا جي ڪارڪنن جي جسمن تي نيرا نشان پئجي ويا، ڪيترائي ماڻهو هلڻ جي قابل به ناهن، جن کي ويل چيئرز تي آندو ويو، جڏهن ته ڪيترن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
آسٽريليا جي فلم ٺاهيندڙ ۽ فلوٽيلا ڪارڪن جوليٽ لامونٽ چيو ته ڪيترن ماڻهن جون پاسريون ڀڄل آهن، جڏهن ته عورتن سان جنسي بدسلوڪي جا واقعا به پيش آيا ۽ ڪارڪنن کي اڻڄاتل دوائن جا ٽيڪا به لڳايا ويا.
اطالوي صحافي اليساندرو مانتوواني اسرائيلي حراستي مرڪز کي خوف ۽ دهشت واري جاءِ قرار ڏيندي چيو ته حراست ۾ وٺندي ئي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته محدود کاڌو ۽ پاڻي ڏنو ويو.
انتظام ڪندڙن موجب فلوٽيلا جي پندرهن ڪارڪنن سان زيادتي سميت جنسي بدسلوڪي جا واقعا پيش آيا، ڪيترن ماڻهن کي رٻڙ وارين گولين جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڪيترن ڪارڪنن جون هڏيون ڀڳل آهن.
سامونڊي قافلي ۾ پاڪستان جي سعد ايڌي سميت چار سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن کي اسرائيلي فوج غير قانوني حراست ۾ ورتو هو، جن کي گذريل ڏينهن ترڪيه موڪليو ويو.