واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي قومي ڳجهي ڄاڻ واري اداري جي ڊائريڪٽر تلسي گيبارڊ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب تلسي گيبارڊ استعيفيٰ ڏيڻ جو سبب پنهنجي مڙس ۾ هڏين جي انتهائي ناياب قسم جي ڪينسر جي سڃاڻپ قرار ڏنو آهي.
پنجيتاليهه ورهين جي تلسي گيبارڊ پنهنجي استعيفيٰ بابت صدر ٽرمپ کي جمعي ڏينهن اوول آفيس ۾ ٿيل ملاقات دوران آگاهه ڪيو هو.
برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري هڪ اهڙي شخص جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي، جيڪو هن معاملي کان واقف آهي، ته تلسي گيبارڊ کي وائيٽ هائوس طرفان استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو.
ياد رهي ته تلسي گيبارڊ گذريل سال فيبروري ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته تلسي گيبارڊ ٽيهه جون تي پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندي، جڏهن ته قومي ڳجهي ڄاڻ واري اداري جو نائب ڊائريڪٽر آرون لوڪاس عبوري ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائيندو.