ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اهو نٿو چئي سگهجي ته اهڙي مرحلي تي پهچي ويا آهيون جو ڪو معاهدو ويجهو هجي.
هڪ بيان ۾ اسماعيل بقائي چيو ته ڳالهين جو محور جنگ جو خاتمو آهي، قطر جو وفد عباس عراقچي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڳالهين ۾ پاڪستان ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اختلاف تمام گهرا ۽ واضح آهن، ڪجهه دورن، هفتن يا مهينن جي ڳالهين کان پوءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته ڪنهن نتيجي تي پهچي وينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته اسان يقيناً ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين، ڇو ته سفارتڪاري ۾ وقت لڳندو آهي.
اسماعيل بقائي چيو ته ايٽمي معاملي بابت هن مرحلي تي ڪا ڳالهه نه ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن انتهائي افزودا يورينيم بابت تفصيلن ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ ممڪن نه هوندو.