يوڪرين لوهانسڪ ۾ دهشتگرد حملو ڪيو آهي: روس

ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته يوڪرين لوهانسڪ واري علائقي ۾ دهشتگرداڻو حملو ڪيو آهي، ۽ هن بچاءَ واري وزارت کي جوابي ڪارروائي لاءِ آپشنز تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

روسي صدر موجب يوڪرين رات دير سان روس تي حملي دوران شاگردن جي هاسٽل کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا، اُڻٽيهه زخمي ٿيا، جڏهن ته پندرهن ماڻهو لاپتا آهن.

روسي صدر وڌيڪ چيو ته يوڪرين جو حملو اتفاقي نه هو ۽ هن بچاءَ واري وزارت کي جوابي ڪارروائي لاءِ آپشنز تيار ڪرڻ جو چيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.