راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف ۽ دفاعي فوجن جو سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران پهچي ويا آهن.
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل جو دورو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثي جي ڪوششن جو حصو آهي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته تهران پهچڻ تي فيلڊ مارشل جو ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني پرتپاڪ استقبال ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به موجود هو.
پاڪ فوج جي شعبي موجب هن دوري دوران علائقي ۾ امن جي قيام ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
ياد رهي ته آرمي چيف جو دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن آمريڪي جنگبندي جي تجويزن تي ايران پنهنجو ردعمل ڏيڻ جي ويجهو آهي. آمريڪا ايران کي جيڪي تجويزون موڪليون آهن انهن ۾ ايران جو ايٽمي پروگرام بند ڪرڻ ۽ آبناءِ هرمز کولڻ سميت ڪيترائي نڪتا شامل آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه ڏينهن اڳ خليجي ۽ ٻين ملڪن جي درخواست تي ايران تي حملي کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته لڳي ٿو ايران سان معاهدي جو سٺو موقعو موجود آهي.
ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو هو ته ايران جنگ کان بچڻ لاءِ هر ممڪن رستو اختيار ڪيو آهي ۽ ايران جي طرفان سڀ رستا کليل آهن.
ان کان اڳ ايران جي دوري تي موجود وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تهران ۾ صدر مسعود پزشڪيان، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جتي جنگبندي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.
ايران ۽ آمريڪا جي جنگ ۾ پاڪستان ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، محسن نقوي جون اڄ به ايراني اختيارين سان ملاقاتون جاري رهيون ۽ هن مختلف وزيرن ۽ اعليٰ شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون.