تهران ۾ پاڪستاني وفد جون اهم ملاقاتون ۽ وچ اوڀر جي نئين سفارتڪاري

غلام مصطفيٰ جمالي

وچ اوڀر هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سياست جو مرڪز بڻيل آهي۔ ايران، آمريڪا، سعودي عرب، اسرائيل ۽ ٻين عالمي قوتن وچ ۾ هلندڙ سفارتي ۽ عسڪري ڇڪتاڻ نه رڳو خليج جي ملڪن کي متاثر ڪري رهي آهي پر ان جا اثر ڏکڻ ايشيا سميت سڄي دنيا تي پئجي رهيا آهن۔ اهڙي حساس وقت ۾ پاڪستان جي وفاقي گهرو وزير محسن نقوی جو تهران جو دورو ۽ ايراني قيادت سان ملاقاتون هڪ اهم سفارتي پيش رفت طور ڏٺيون پيون وڃن۔ ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ تي ٻڌل رهيا آهن، پر وقت بوقت علائقائي ۽ عالمي حالتن سبب انهن لاڳاپن ۾ لاها چاڙها به ايندا رهيا آهن۔ اڄ جڏهن وچ اوڀر جنگ ۽ امن جي وچ واري مرحلي مان گذري رهيو آهي، تڏهن پاڪستان لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته هو پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي انتهائي احتياط، توازن ۽ حڪمت سان اڳتي وڌائي۔

محسن نقوی جي ايراني وزير خارجه عباس عراقچي سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، سيڪيورٽي، سرحدي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون۔ ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائراڻو تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي۔ پاڪستان ۽ ايران جي سرحد ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي، اسمگلنگ ۽ غير قانوني سرگرمين سبب حساس رهي آهي، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري بڻيل آهي۔ جڏهن به ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد وڌندو آهي ته سرحدي امن بهتر ٿيندو آهي، واپار وڌندو آهي ۽ عوامي لاڳاپا مضبوط ٿيندا آهن۔ پر جڏهن به عالمي قوتون پنهنجي مفادن خاطر علائقي ۾ مداخلت ڪن ٿيون ته ان جا منفي اثر پاڪستان ۽ ايران جي تعلقات تي به ظاهر ٿين ٿا۔

ايران اڄ به آمريڪي پابندين، معاشي دٻاءَ ۽ سفارتي اڪيلائپ کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ ڇڪتاڻ صرف ٻن ملڪن جو معاملو ناهي رهيو پر ان سڄي علائقي جي سياسي استحڪام کي متاثر ڪيو آهي۔ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين سبب ايران تي معاشي پابنديون سخت ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ خليج ۾ تڪرار وڌيڪ وڌيا۔ ايران مسلسل اهو موقف اختيار ڪندو رهيو آهي ته هو پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو۔ ٻي طرف آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ علائقائي اثر رسوخ کي خطري طور پيش ڪندا رهيا آهن۔ اهڙي صورتحال ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ٻين خليجي ملڪن جون پاليسيون به عالمي سفارتڪاري جو اهم حصو بڻجي ويون آهن۔

سعودي عرب جي وزير خارجه فيصل بن فرحان جو اهو بيان ته جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتڪاري کي موقعو ڏنو وڃي، دراصل ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته خليجي ملڪ به هاڻي جنگ بدران ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جا خواهشمند آهن۔ سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ چين جي ثالثي سان ٿيل لاڳاپن جي بحالي خطي جي سياست ۾ وڏي تبديلي هئي۔ ڪيترن ئي سالن کان جاري پراڪسي جنگين، سياسي اختلافن ۽ سفارتي بحرانن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي ويجهڙائپ علائقي ۾ نئين اميد پيدا ڪئي آهي۔ پاڪستان هميشه اها ڪوشش ڪئي آهي ته هو سعودي عرب ۽ ايران ٻنهي سان متوازن تعلقات برقرار رکي۔ پاڪستان لاءِ اهو آسان ڪم ڪڏهن به نه رهيو، ڇو ته هڪ طرف سعودي عرب پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ معاشي مددگار رهيو آهي ته ٻي طرف ايران پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن سان امن ۽ استحڪام پاڪستان جي قومي مفاد سان جڙيل آهي۔

پاڪستان جي موجوده حالتن کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته ملڪ اندروني معاشي بحران، سياسي عدم استحڪام ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ پرڏيهي پاليسي جا فيصلا انتهائي اهم ٿي وڃن ٿا۔ جيڪڏهن پاڪستان وچ اوڀر جي تڪرارن ۾ ڪنهن هڪ ڌر ڏانهن واضح جھڪاءُ ڏيکاريندو ته ان جا منفي اثر سندس قومي مفادن تي پئجي سگهن ٿا۔ پاڪستان جي طاقت هميشه ان جي متوازن پاليسي رهي آهي۔ پاڪستان ڪيترائي ڀيرا اسلامي دنيا ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اندروني ڪمزورين سبب هو مڪمل ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو آهي۔

محسن نقوي جي تهران دوري مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان هاڻي ايران سان سيڪيورٽي ۽ سفارتي تعاون وڌائڻ چاهي ٿو۔ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ سرگرم دهشتگرد گروهن سبب ٻنهي ملڪن کي نقصان پهتو آهي۔ ڪيترائي ڀيرا اهڙا واقعا به پيش آيا آهن، جن سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو، پر پوءِ سفارتي سطح تي حالتون سنڀاليون ويون۔ پاڪستان ۽ ايران جيڪڏهن گڏيل سرحدي نظام، انٽيليجنس شيئرنگ ۽ اقتصادي منصوبن تي ڌيان ڏين ته علائقي ۾ استحڪام اچي سگهي ٿو۔

محسن نقوي جي تهران ملاقات کي صرف هڪ رسمي سفارتي سرگرمي طور ڏسڻ درست نه هوندو۔ هي ملاقات ان وڏي علائقائي تصوير جو حصو آهي، جتي هر ملڪ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ نوان اتحاد ۽ نيون پاليسيون ترتيب ڏئي رهيو آهي۔ پاڪستان ۽ ايران جيڪڏهن گڏيل اعتماد، اقتصادي تعاون ۽ سيڪيورٽي هم آهنگي کي وڌائين ته نه صرف ٻنهي ملڪن لاءِ پر سڄي علائقي لاءِ مثبت نتيجا نڪري سگهن ٿا۔ جنگ، پابنديون ۽ سياسي دٻاءَ آخرڪار ڪنهن به قوم لاءِ مستقل حل ناهن هوندا۔ دنيا هاڻي ان مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي جتي سفارتڪاري، ڳالهين ۽ اقتصادي ڀائيواري کي ترجيح ڏيڻ ئي استحڪام جو واحد رستو بڻجي رهيو آهي۔

اڄ جڏهن دنيا نئين سياسي صف بندين ڏانهن وڌي رهي آهي، پاڪستان لاءِ هڪ سنهري موقعو موجود آهي ته هو پنهنجي جاگرافيائي اهميت، سفارتي روايتن ۽ اسلامي دنيا ۾ مقام کي استعمال ڪندي تعميري ڪردار ادا ڪري۔ ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان اندروني طور مضبوط، سياسي طور مستحڪم ۽ معاشي طور خودمختيار بڻجي۔ جيڪڏهن ملڪ اندروني بحرانن ۾ ڦاٿل رهندو ته عالمي سطح تي موثر ڪردار ادا ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.