ڳرن ٽيڪسن باوجود حڪومت عوام کي بنيادي حق نه پئي ڏئي:حافظ نعيم

لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير  حافظ نعيم الرحمان حڪومت جي معاشي ۽ تعليمي پاليسين تي سخت تنقيد  ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پيٽرول، بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن تي عوام کان ڳرا ٽيڪس گڏ ڪيا پيا وڃن، پر ان جي باوجود حڪومت تعليم، آئي ٽي ۽ نوجوانن جي ترقي لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهي آهي.هڪ موٽرسائيڪل سوار هر ليٽر پيٽرول تي 117 رپيا ۽ 50 رپيا اضافي ٽيڪس به ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ ڪيترائي ٽيڪس شامل ڪيا ويا آهن. انهن کان به ٽيڪس وصول ڪيا پيا وڃن جن تي ٽيڪس لاڳو ناهي، پر رياست پنهنجون بنيادي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.هو لاهور ايڪسپو سينٽر ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران منعقد ڪيل بنو قبال گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.