پنڪي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي جيل ڪسٽڊي رد

ڪراچي(رپورٽر)سيشن ڪورٽ ڏکڻ گارڊن پوليس اسٽيشن ۾ منشيات فروش انمول عرف پنڪي خلاف منشيات جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر پاران ڊيوٽي مئجسٽريٽ پاران جوابدار ۽ شريڪ جوابدار جي عدالتي ريمانڊ خلاف ٻن نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي، جاچ آفيسر موجب  ڊيوٽي مئجسٽريٽ هڪ ڪيس ۾ جوابدار عورت جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو جڏهن ته ٻين ڪيسن ۾ جيل ڪسٽڊي ڪئي آهي، جڏهن ته ڊيوٽي مئجسٽريٽ سينٽرل ٻئي منشيات ڪيس ۾ به جوابدارياڻي جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو، جاچ آفيسر موجب شريڪ جوابدار ذيشان ۽ سهيل کي 16 مئي تي گرفتار ڪيو ويو، کين ساڳئي ڏينهن ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪيو ويو، شريڪ جوابدارن جي جسماني ريمانڊ جي درخواست باوجود، ڊيوٽي مئجسٽريٽ انهن کي جيل ڪسٽڊي ۾ وٺي ڇڏيو، جاچ لاءِ شريڪ جوابدار ذيشان ۽ سهيل جي حراست تمام ضروري آهي. جاچ آفيسر موجب جوابدارن کان هٿ ڪيل موبائل فون مان اهم ثبوت حاصل ڪيا ويا آهن، عدالت چيو ته ڊيوٽي مئجسٽريٽ جوابدار انمول عرف پنڪي جي حوالي سان مونجهارو پيدا ڪندڙ حڪم ​​جاري ڪندي غير قانوني قدم کنيو، عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي موڪلڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، عدالت چيو ته پنڪي کي 17 مئي تائين جسماني رمانڊ تي تصور ڪيو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.