ڀوتارڪي نظام کي للڪاريندڙ صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي

مختيار علي

سنڌ جي تاريخ هميشه سچائي، بهادري ۽ حق سچ جي علمبردارن جي رت سان لکجي وئي آهي. جڏهن به سنڌ جي مظلوم عوام مٿان ظلم، جبر ۽ وڏيرڪي نظام جا ڪارا بادل گهرا ٿيا آهن، تڏهن ڪنهن نه ڪنهن بهادر پٽ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ان تاريڪي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ سنڌ جي اهڙي ئي هڪ ارڏي، بيباڪ ۽ بهادر پٽ، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ٻئين ورسي آهي. نصرالله گڏاڻي صرف هڪ صحافي جو نالو ناهي، پر هو سنڌ ۾ صدين کان قائم جابر ڀوتارڪي راڄ ۽ سرداري نظام خلاف هڪ سگهاري تحريڪ، هڪ گونجندڙ نعري ۽ شعور جي علامت جو نالو آهي. اڄوڪو ڏينهن اسان کي ان بهادر انسان جي قرباني جي ياد ڏياري ٿو، جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي سنڌ جي مظلوم عوام کي خوف جي زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد ڪئي.

اها ڳالهه اڄ ڪنهن کان به ڳجهي ناهي رهي ته سنڌ ۾ ڀوتارڪي نظام کي مضبوط کان مضبوط تر ڇو بڻايو ويو آهي ۽ ان جي پويان ڪهڙين طاقتور قوتن جو هٿ آهي. سنڌ جي اها بدقسمتي رهي آهي ته هتي عوام جي حڪمراني بدران چند مخصوص سردارن، وڏيرن ۽ ميرن جي سلطنت قائم رهي آهي. اهي طاقتور ماڻهو، جيڪي سنڌ لاءِ ناسور بڻجي ويل ان ڀوتارڪي نظام کي ڪمزور ٿيڻ ئي نٿا ڏين، پنهنجي ذاتي مفادن خاطر پوري قوم جي مستقبل کي داؤ تي لڳائي چڪا آهن. هي نظام سنڌ جي عوام کي پنهنجو غلام بڻائي رکڻ جي هڪ منظم سازش آهي. ان سازش جي تحت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ قانون جي بالادستي بدران سردار جو فيصلو ئي آخري قانون هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو غريب پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري ٿو ته ان کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.

ڀوتارڪو راڄ سنڌ کي جهالت جي اونداهي مان نڪرڻ ئي نٿو ڏئي. وڏيرن ۽ سردارن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته سنڌ جو عام ماڻهو ڪڏهن به شعور جي ان سطح تي نه پهچي جتي هو پنهنجي حقن جي گهر ڪري سگهي. پر جڏهن به سنڌ جي ڪنهن ڄائو پنهنجي شعور جي لاٽ ٻاري قوم کي ان تاريڪي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن ان کي نهايت ئي بي دردي سان قتل ڪيو ويو آهي. نصرالله گڏاڻي پڻ هڪ اهڙي ئي لاٽ هئي، جنهن ميرپور ماٿيلو ۽ پوري سنڌ ۾ ان اونداهيءَ خلاف جنگ جوٽي هئي. هتي رڳو سچ ڳالهائيندڙن کي قتل ناهي ڪيو ويندو، پر سندن خون به لوڙهيا ويندا آهن. تاريخ گواهه آهي ته اڄ تائين ڪنهن به بي گناهه شخص جي قتل جي ڪنهن به جوابدار (وڏيري يا سردار) کي ڪا سزا ناهي آئي. ان جو سبب اهو آهي ته ڀوتارڪو راڄ ئي ڀوتارڪي نظام جو بچاءُ ڪندو رهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن هڪ سردار تي مصيبت اچي ٿي يا ان جي ظلم خلاف آواز اٿي ٿو، ته هڪ سردار کي بچائڻ لاءِ ٻيو سردار ميدان ۾ لهي پوي ٿو ته جيئن سنڌ ۾ سندن سرداري سلطنت جو سنڀال ۽ دٻدٻو قائم رهي سگهي. هي هڪ اهڙو گهيرو آهي، جنهن ۾ قانون بيوس ۽ انصاف يرغمال بڻيل نظر اچي ٿو.

ڀوتارڪو راڄ سراسر سنڌ جي مفادن جي خلاف آهي. هن نظام سنڌ کي ايترو نقصان پهچائي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي جو اڄ اسان دنيا جي ٻين خطن سان پنهنجو موازنو به نٿا ڪري سگهون. جيڪڏهن اسين تاريخ تي نظر وجهون ته ائٽم بم ۾ تباهه ٿيل ملڪ (جهڙوڪ جاپان) ٻيهر آباد ٿي ترقي جون وڏيون منزلون طئي ڪري چڪا آهن، پر اها بدقسمت سنڌ ئي آهي، جيڪا معدني وسيلن، گئس، پيٽرول ۽ زرخيز زمين سان مالا مال هجڻ جي باوجود به تيزي سان بربادي طرف وڃي رهي آهي. سنڌ جي اها ترقي نه ٿيڻ جو وڏو سبب اها ڦرلٽ آهي، جيڪا هي وڏيرڪو طبقو ڪري رهيو آهي. سنڌ جا رهواسي نه رڳو زندگيءَ جي بنيادي سهولتن (صحت، صاف پيئڻ جو پاڻي، رستا) کان محروم آهن، پر اهي غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آهن. جتي سنڌ جو اربين روپين جو بجيٽ سردارن جي اوطاقن ۽ بنگلن جي زينت بڻجي وڃي ٿو، اتي غريب جو ٻار بک ۽ بدحاليءَ جي ويرين چڙهيل آهي.

سڀ کان وڏي ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته وڏيرا ۽ سردار اسان تي صرف قبيلائي لحاظ کان حاوي ناهي، پر اهي ته اسان جي سياسي نظام، اسيمبلين ۽ حڪومت تي پڻ حڪمراني ڪري رهيا آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جي قسمت کي بدقسمت ڪرڻ جو وٽن مڪمل اختيار آهي. اهي ئي قانون ساز آهن ۽ اهي ئي قانون کي پامال ڪندڙ آهن. ايترو ئي ناهي، پر سنڌ جا سرڪاري ادارا پڻ انهن جي گهر جي ٻانانهن بڻيل آهن. اهي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري پبلڪ سروس ڪميشن جهڙن اعليٰ ادارن ذريعي هڪ ئي گهر توڙي خاندان جا ست ست ڄڻا اعليٰ آفيسر بڻائي ڇڏين ٿا. اهي آفيسر جڏهن ڪنهن عهدي تي ويهن ٿا، ته اهي پنهنجي روين ۾ آفيسر نه پر وڏيرا ئي هوندا آهن. سندن اهو عمل غريب، محنتي ۽ هوشيار شاگردن جي حقن تي تيز ڌاڙو ته آهي ئي، پر ان سان ڀوتارڪو راڄ ادارتي سطح تي وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. جيستائين سنڌ ۾ اهو ادارتي ۽ سياسي ڀوتارڪو راڄ برقرار رهندو، تيستائين سنڌ اڳتي وڌڻ جي بدران پوئتي، بربادي طرف ئي ڌڪندي رهندي.

ان سڄي بدحالي، خوف ۽ جبر جي ماحول ۾، جتي وڏا وڏا دانشور ۽ قلمڪار خاموش هئا، اتي ميرپور ماٿيلو جي ڌرتيءَ تان هڪ آواز اٿيو  اهو آواز هو نصرالله گڏاڻي جو. ان ڳالهه جو احساس سنڌ جي بهادر پٽ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي مڪمل طور ٿي چڪو هو ته اسان جي اجتماعي بدحالي جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي ۽ هن ڀوتارڪي راڄ مان سنڌ جي جند آجي ڪيئن ڪرائي سگهجي ٿي. نصرالله گڏاڻي رڳو خبرون فائل ڪندڙ صحافي نه هو، هو هڪ سماجي مجاهد هو. هن ڏٺو ته جيستائين ماڻهن جي دلين مان وڏيري جو خوف ختم نه ٿيندو، تيستائين ڪا به تبديلي نٿي اچي سگهي. ان لاءِ هن ماڻهن جي دلين ۾ ويٺل وڏيرن جو خوف ختم ڪرڻ لاءِ دهشت جي علامت بڻيل سردارن، جاگيردارن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ طاقتور ادارن کي وڏي بيباڪي ۽ بهادري سان للڪارڻ شروع ڪيو.

نصرالله گڏاڻي جڏهن موٽرسائيڪل تي موبائل هٿ ۾ کڻي سردارن جي محلن ۽ انهن جي ناجائز قبزن خلاف لائيو ويڊيو ڪندو هو، ته اهو منظر سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئون انقلاب هو. هو سردار کي ان جي نالي سان پڪاري چوندو هو ته "تون عوام جو خادم آهين، مالڪ ناهين.” کيس ان ڳالهه جي پوري پڪ هئي ته کيس ان بهادري جي قيمت پنهنجي جان ڏئي چڪائڻي پوندي، ڇو ته هن ان قسم جي خدشن جو ذڪر پنهنجي ڪيترن ئي ويڊيوز ۾ اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو هو. هن واضح چيو هو ته جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار اهي ئي سردار هوندا. پر هن موت کان خوف کائي ڪانئر بڻجي جيئڻ جي بدران هڪ مضبوط، ظالم ۽ طاقتور سسٽم سان وڙهندي جام شهادت پيتو ۽ سنڌ جي امر شهيدن ۾ وڃي شامل ٿيو. جن تي سنڌ کي سدائين فخر رهيو آهي ۽ انهن سان گڏ نصرالله به سنڌ جو ناز ۽ هڪ لازوال نشان بڻجي ويو.

سنڌ کي اڳتي، ترقي طرف وٺي هلڻ لاءِ تعليم به ضروري آهي پر سڀ کان پهريان ڀوتارڪي راڄ جي خاتمي لاءِ سخت ۽ منظم جدوجهد ڪرڻ جي تمام گهڻي گهرج آهي. اها جدوجهد بهرحال آسان ناهي، ڇو ته ان جي پٺيان ڏيهي ۽ پرڏيهي طاقتور قوتن جو هٿ آهي، جيڪي سنڌ کي سکيو، ستابو، خوشحال ۽ آزاد ڏسڻ نٿيون چاهين. پر نصرالله گڏاڻي اسان کي اهو رستو ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن حوصلا بلند هجن ته هڪ اڪيلو انسان به پوري سسٽم کي لوڏي سگهي ٿو.

حقيقي معنيٰ ۾ نصرالله جي ناحق خون سان تڏهن انصاف ٿيندو، جڏهن اسين سڀ هن ڀوتارڪي راڄ جي خلاف اٿي کڙا ٿينداسين ۽ ان جي تخليق ڪيل نعري کي ايترو ڦهلائينداسين جو هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ان جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي. نصرالله گڏاڻي جو آواز رڳو هڪ صحافي جو آواز نه هو، پر اهو مظلومن جي دادخواهي هئي. سنڌ کي ڪتي جي هوڙ (ظلم ۽ بربريت جي گرفت) مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جو هر غيرتمند پٽ نصرالله گڏاڻي جيان سندرا ٻڌي ميدان ۾ لهي پوي. اسان کي پنهنجي قلم، پنهنجي آواز ۽ پنهنجي ووٽ جي طاقت سان هن وڏيرڪي سسٽم کي شڪست ڏيڻي پوندي.

شهيد نصرالله گڏاڻي جي ٻئين ورسي اسان کان عهد طلب ڪري ٿي. هي رڳو ڏک ڪرڻ يا ڳوڙها ڳاڙڻ جو ڏينهن ناهي، پر پنهنجي عزم کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي. نصرالله پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو، هن پنهنجو رت ڏئي سنڌ جي شعور کي بيدار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اهو سنڌ جي نوجوانن، شاگردن، اديبن ۽ عوام جو فرض آهي ته اهي ان شعور جي لاٽ کي وسامڻ نه ڏين. جيستائين سنڌ جي هڪ هڪ گهٽي، هڪ هڪ ڳوٺ مان ڀوتارڪي نظام جو خاتمو نٿو ٿئي، تيستائين نصرالله گڏاڻي جو مشن جاري رهندو. نصرالله اڄ به سنڌ جي دلين ۾ زنده آهي ۽ سندس بهادري هميشه سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن باب بڻيل رهندي. شهيد نصرالله گڏاڻي کي کيس ٻئين ورسيءَ تي سنڌ جو عظيم سلام!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.