پنڪي، منهنجو نالو ڪيئن کنيو؟ راجا پرويز اشرف جو قومي اسيمبلي ۾ هُل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سوشل ميڊيا تي هلندڙ هڪ مبينا منشيات ڪيس واري ڪلپ تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته 18 تاريخ تي هڪ وڊيو سامهون آئي، جنهن ۾ هڪ مبينا منشيات ڊيلر عورت سندس نالو وٺي رهي هئي، پر بعد ۾ ان عورت بيان ڏنو ته اهو بيان کانئس زبردستي وٺرايو ويو هو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران راجا پرويز اشرف ڳالهائيندي چيو ته هو اهو ٻڌي حيران ٿي ويو ته آخر اهو ڪهڙو راجا پرويز اشرف آهي جنهن جو نالو ورتو پيو وڃي؟

هن مطالبو ڪيو ته مڪمل جاچ کان اڳ اهڙا معاملا سوشل ميڊيا يا عوامي سطح تي نه آندا وڃن، ڇو ته هر پاڪستاني جو حق آهي ته مڪمل تحقيق کان اڳ کيس ڏوهاري نه بڻايو وڃي.

اجلاس دوران قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پڻ ايوان ۾ ڳالهائيندي ذميوار رپورٽنگ تي زور ڏنو ۽ چيو ته پوليس کي هدايت ڏني ويندي ته ملزمن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تائين ميڊيا آڏو نه آندو وڃي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سوال اٿاريو ته ڇا سائبر ڪرائيم ادارن کي غلط پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ گهرجي؟

اعظم نذير تارڙ چيو ته سڄو ايوان راجا پرويز اشرف سان گڏ بيٺو آهي.

اسپيڪر زور ڏيندي چيو ته اهو به ڏسڻو پوندو ته منشيات نوجوانن ۽ ٻارن تائين ڪير پهچائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.