بند سي اين جي کولڻ لاءِ وفاق سان ڳالهيون ڪامياب!

خيبر پختونخوا ۾ بند سي اين جي اسٽيشنز کولڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.

سرڪاري ذريعن موجب وفاقي حڪومت روزانو 35 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

سرڪاري ذريعن موجب خيبر پختونخوا ۾ سي اين جي اسٽيشنون صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رهنديون.

ذريعن مطابق صوبي کي گيس فراهم ڪرڻ جو فيصلو هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، رانا ثناء الله، خيبر پختونخوا جو گورنر فيض ڪريم ڪنڊي ۽ اپوزيشن ليڊر ڊاڪٽر عباد شرڪت ڪئي.

ان معاملي تي خيبر پختونخوا جي ناڻي بابت صلاحڪار مزمل اسلم چيو ته وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي ڪوششن سبب گيس جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت گيس بحالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ۽ سي اين جي اسٽيشنن کي فوري طور تي گيس جي فراهمي شروع ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.