حاجين جي به جاسوسي؟ ڀارتي اخبار جا مودي سرڪار بابت شرمناڪ انڪشاف

ڀارت جي مودي حڪومت جي مسلمان مخالف قدمن ۾ هڪ وڌيڪ باب شامل ٿي ويو آهي، ڀارتي اخبار هڪ خطرناڪ خيز انڪشاف ڪيو آهي ته حج تي ويندڙ مسلمانن جي جاسوسي ڪئي پئي وڃي.

ڀارتي اخبار سوال اٿاريو آهي ته ڇا مودي حڪومت ڀارتي مسلمانن جي نگراني ڪري رهي آهي؟ اخبار حج ڪميٽي آف انڊيا تي الزام هنيو آهي ته هو حج تي ويندڙن جي نگراني ڪري رهي آهي.

ڀارتي اخبار موجب حج تي ويندڙ ڀارتي زائرين کي اسمارٽ واچون ڏنيون ويون آهن. انهن اسمارٽ واچن ۾ هڪ خانگي ڪمپني جو ايپ شامل هجڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن سبب زائرين جي حرڪتن جي نگراني ٿيڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن.

اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ماهرن ان اسمارٽ واچ کي رهنمائي لاءِ غير ضروري قرار ڏنو آهي.

رپورٽ ۾ سوال اٿاريو ويو آهي ته سعودي عرب ۾ فوٽوگرافي تي پابندي هجڻ باوجود زائرين کي اسمارٽ واچون ڇو ڏنيون ويون؟

رپورٽ موجب حج ڪميٽي آف انڊيا کان فوري وضاحت جو مطالبو پڻ سامهون آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.