ڪراچي(عوامي آواز نيوز) منشيات فروش عورت انمول عرف پنڪي جي ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔ذريعن موجب ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي ٻن اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي۔ گرفتار اهلڪار انمول عرف پنڪي سان رابطي ۾ رهيا هئا ۔حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ اي ايس آءِ ڪفيل ۽ هڪ سپاهي شامل آهن، جن جي پوسٽنگ سي ٽي ڊي سول لائينز ۾ آهي۔ان کان اڳ لاڳاپيل ڪيس جي ضلعي سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) علي حسن کي معطل ڪيو ويو هو۔
پنڪي ڪيس ۾ ڪيترائي معتبر نالا سامهون اچي سگهن ٿا:آءِ جي سنڌ
ڪراچي(رپورٽر)منشيات ڪيس ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تحت ايس ايس پي کي معطل ڪيو ويو آهي۔اڳاپيل ڪيس جي ضلعي سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) علي حسن کي معطل ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔نوٽيفڪيشن موجب معطلي جو فيصلو سنڌ جي گهرو وزير جي هدايت تي ڪيو ويو آهي،هوڏانهن آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍي جو چوڻ آهي ته انمول عرف پنڪي جي ڪيس ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا سامهون اچي سگهن ٿا۔ ڪراچي چيمبر جي دوري دوران واپارين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍي چيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان منشيات جي خاتمي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔هن چيو ته منشيات استعمال ڪندڙن ۽ وڪرو ڪندڙن ۾ فرق آهي، جيڪي منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو۔ ان لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي پئي وڃي، ۽ هر شهري جو فرض آهي ته معلومات فراهم ڪري،هن چيو ته پنڪي گهڻو ڪري لاهور ۾ رهندي هئي ۽ هن ڪيس ۾ ڪيترائي بااثر نالا شامل آهن، وڌيڪ ڪيترن ماڻهن جا نالا به سامهون اچي سگهن ٿا۔ بهرحال، منهنجي ميڊيا کي درخواست آهي ته پنڪي کي اهڙي نموني مشهور نه ڪيو وڃي جو مٿس فلم ٺهي وڃي۔
پنڪي جي عدالت ۾ پيشي،بااثر شخصيتن جا نالا وٺڻ جي ڪوشش
ڪراچي (رپورٽر)سيشن عدالت ڏکڻ جي جج ظهور احمد هڪڙو جي عدالت ۾ منشيات ڊيلر انمول عرف پنڪي خلاف منشيات جا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي درخشان ۽ گذري ٿاڻن جي نون ڪيسن ۾ جوابدار کي جڊيشل ڪمپليڪس جيل ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست منظورڪندي عدالت لکت وارو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته ذيشان الرحمان ۽ سهيل الرحمان کي جيل موڪلڻ واري فيصلي خلاف پوليس عدالت سان رجوع ڪيو. عدالت پاران ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو .پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته انمول عرف پنڪي هڪ چالاڪ جوابدار آهي ۽ وڌيڪ جاچ لاءِ جسماني رمانڊ تمام ضروري آهي، تنهن ڪري رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن جاچ کي منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي.جڏهن جوابدار کي عدالتي مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪرڻ لاءِ جيل ڪورٽ ۾ آندو ويو ته اتي هڪ وڏو شور ڏٺو ويو.جڏهن جوابدارعدالت ۾ ڪجهه اهم ۽ بااثر شخصيتن جا نالا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، ته اتي موجود پوليس اهلڪارن مبينه طور تي شور گوڙ ڪيو ۽ سندس آواز کي دٻايو، جڏهن ته صحافين کي به عدالتي ڪارروائي جي ڪوريج لاءِ اندر وڃڻ کان روڪيو ويو.عدالت ڪوڪين جي راڻي انمول عرف پنڪي جي رمانڊ واري داخل درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي 3ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو