ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اورنج لائن بي آر ٽي تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته يلو لائن بي آر ٽي منصوبي تي عالمي بئنڪ جي سهڪار سان تيزي سان ڪم جاري آهي. تاج حيدر پل جو هڪ حصو مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻئي حصي تي پيش رفت جاري آهي. يلو لائن بي آر ٽي جي ڊپوز تي به ڪم جاري آهي جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي به پيش رفت ٿي رهي آهي.هن چيو ته موجوده مالي سال دوران ٺٽو، بدين، ميروخان ۽ لاڙڪاڻي ۾ جديد بس ٽرمينلز تعمير ڪيا پيا وڃن سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي کي ڪيترن ئي چيلنجز کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ ڊالر جي قدر ۾ اضافو ۽ تعميراتي لاگت ۾ غير معمولي اضافو شامل آهن. دير ۾ حڪومت جي بدنيتي ناهي، هن جماعت اسلامي کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته جيترو خرچ تشهيري مهم تي ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن ايترو ڌيان بلدياتي معاملن تي ڏنو وڃي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي. هن ڪي اليڪٽرڪ سميت مختلف ادارن تي يوٽيلٽيز جي منتقلي ۾ دير جو الزام به لڳايو ۽ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ هن معاملي تي اجلاس به طلب ڪيو آهي. سندس مطابق ٽرانسپورٽ کاتي جا ڪيترائي منصوبا جاري آهن پر تنقيد صرف ريڊ لائن تي ڪئي پئي وڃي. هن ڪراچي جي شهرين کي درپيش مشڪلاتن تي معذرت ڪندي چيو ته حڪومت سمورن چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ،رٿائون مڪمل ڪيون وينديون