اسلام آباد(سعيد بلوچ) حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي انهن جي “نائيَن” طرفان اهڙيون تجويزون ملي رهيون آهن۔ “نائي” مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي ڳوٺن ۾ ماڻهن کي ڊيڄاريندا ۽ ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائيندا آهن ته جيئن طاقتور ماڻهن جو رعب قائم رهي۔هاڻي اهي ئي ماڻهو حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي چون پيا ته ووٽر جي عمر وڌائي ڇڏيو ته جيئن عمران خان جا ووٽر گهٽجي وڃن۔ گذريل سال اها ڪوشش به ڪئي وئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهي۔ مسلم ليگ (ن) بعد ۾ مڪمل طور ان ڳالهه کان ئي ڦري وئي ته اهڙي ڪا تجويز زير غور هئي۔هاڻي هڪ ٻي تجويز سامهون اچي رهي آهي ته صرف پڙهيل لکيل يا ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهو ووٽ وجهن۔ جيڪڏهن تعليم جي شرط لڳائي وئي ته پاڪستان جي لڳ ڀڳ 60 کان 70 سيڪڙو آبادي ووٽ جي حق کان محروم ٿي ويندي۔پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ سياسي شعور وڌي چڪو آهي۔ ڳوٺن جا ماڻهو، بزرگ، نوجوان، سڀ پنهنجو ووٽ سڃاڻي رهيا آهن۔ اسڪول ۽ ڪاليج جا ٻار به هاڻي آئين جا آرٽيڪل پڙهي رهيا آهن۔ اهو سياسي شعور جو ثبوت آهي۔هاڻي ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته صرف ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن کي ووٽ جو حق هجڻ گهرجي۔ پر سوال اهو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪو غريب ماڻهو هر شيءِ تي ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، ڇا اهو ٽيڪس نه ٿو ڏئي؟ پيٽرول تي ليوي، سيلز ٽيڪس، بجلي جا بل، روزمره جي شين تي ٽيڪس ــ اهو سڀ غريب ئي ته ڏئي رهيو آهي۔پيٽرول مهانگو ٿيندو ته ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيندي، پوءِ هر شيءِ مهانگي ٿيندي۔ ان ڪري چوڻ ته غريب ٽيڪس نٿو ڏئي، سراسر غلط آهي۔