پراڪسي ۽ واويلا ذريعي ملڪي ترقي جو عمل ڦٽائڻ نه ڏينداسين:فيلڊ مارشل

ڪوئيٽا(ع آ نيوز) پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته دشمن قوتون جيڪي پراڪسين ۽ منفي پروپيگنڊا ذريعي پاڪستان جي ترقي کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن اهي ناڪام ٿينديون. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪوئيٽا گيريزن  جو دورو ڪيو. ڪوئيٽا پهچڻ تي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو استقبال ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ڪيو. ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج، ڪوئيٽا ۾ تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي خطاب ڪندي، فيلڊ مارشل اسٽاف ڪاليج جي تربيت، ڪارڪردگي ۽ پيشه ورانه صلاحيتن جي اعليٰ معيار جي تعريف ڪئي ۽ ٽنهي خدمتن جي وچ ۾ هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ مستقبل جي جنگي چئلينجن، جن ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيون، ملٽي ڊومين آپريشن شامل آهن، کان باخبر رهڻ تي زور ڏنو. هن جديد جنگ جي تيزي سان بدلجندڙ نوعيت کي به اجاگر ڪيو. فوج جي سربراهه چيو ته هن ڪاليج مان گريجوئيشن ڪندڙ آفيسر هميشه پنهنجي غير معمولي ڪارڪردگي ۽ پيشه ورانه شوق جي ڪري نمايان رهيا آهن. فيلڊ مارشل بلوچستان ۾ مقرر فارميشن جي آفيسرن ۽ جوانن سان پڻ ملاقات ڪئي. هن دوري دوران، فيلڊ مارشل بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ رياستي رٽ برقرار رکڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي جي تعريف ڪئي ۽ انهن جي آپريشنل تيارين ۽ پيشه ورانه عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو. چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج عوام جي مضبوط حمايت سان هر قسم جي دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جي ترقي ۽ عروج کي پروپيگنڊا، جعلي خبرن يا ٻاهرين سرپرستي هيٺ دهشتگردي ذريعي روڪي نه ٿو سگهجي. دشمن قوتون آخرڪار رياست جي طاقت ۽ عوام جي اتحاد جي ڪري ناڪام ٿينديون. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته دشمن قوتون جيڪي پراڪسيز ۽ منفي پروپيگنڊا ذريعي پاڪستان جي ترقي کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن اهي ناڪام ٿينديون، پائيدار ترقي عوام دوست حڪمت عملين ۽ بهتر گورننس سان گڏ اثرائتي سيڪيورٽي قدمن تي مشروط آهي.ان موقعي تي فيلڊ مارشل سماجي ۽ اقتصادي بهتري ۽ رياست ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بلوچستان حڪومت جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ بلوچستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ڊگهي مدي واري ترقي عوام جي ڀلائي ۽ بهتر حڪمراني تي ٻڌل حڪمت عملي کانسواءِ ممڪن ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.