في الحال 28هين ترميم تي حڪومت سنجيده ناهي:بئريسٽر گوهر

راولپنڊي(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي مسئلن جو  حل صرف سياسي طريقي سان ئي نڪري سگهي ٿو.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڳالهين جو دروازو هميشه کليل رهڻ گهرجي ۽ سياسي رابطا بند نه ٿيڻ گهرجن،دروازا بند نه ڪيا وڃن، هوا هلندي رهي ۽ روشني اندر اچي، سياسي مسئلن جو حل صرف سياسي ڳالهين سان ئي ممڪن آهي،هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن جي آواز کي ٻڌڻ ضروري آهي ۽ مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڳولڻ گهرجي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو بنيادي ۽ سادو مطالبو اهو آهي ته باني پي ٽي آءِ تائين رسائي ڏني وڃي. ان سان گڏوگڏ خاندان ۽ ڊاڪٽرن کي به ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.چيئرمين پي ٽي آءِ واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي سان هن وقت ڪنهن به معاملي تي ڪا باضابطه ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي، البت خيبر پختونخوا جي مسئلن تي هڪ ملاقات ضرور ٿي آهي.بيرسٽر گوهر چيو ته هن وقت حڪومت 28هين آئيني ترميم تي سنجيده نظر نٿي اچي. هن چيو ته صوبن سان لاڳاپيل ڪنهن به ترميم لاءِ صوبن جي اتفاق راءِ ضروري آهي.هن چيو ته ڪجهه معاملا هاڻي ختم ٿي چڪا آهن، ۽ جيڪڏهن 15 سالن کان پوءِ انهن کي ٻيهر واپس آندو ويندو ته اهو سٺو عمل نه هوندو.هن اين ايف سي ايوارڊ کي وفاقي يڪجهتي جي علامت قرار ڏيندي چيو ته ان کي هٿ نه لڳائڻ گهرجي،هن چيو ته دهشتگردي خلاف سڀني کي گڏجي وڙهڻو پوندو ۽ ٽيڪس سڌارن ۽ محاصل وڌائڻ لاءِ اتفاق راءِ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.