مارشل لا به اچي سگهي ٿي،پ پ جي امتحان جو وقت اچي ويو:مرتضيٰ جتوئي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته مارشل لا به لڳي سگهي ٿي،ڪجهه نه ڪجهه ته ٿيڻو آهي،ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته غيب جو علم الله کي آهي،28 هين ترميم،نظام جي تبديلي ۽ ٻيون ڳالهيون سڀ هلن پيون،هاڻي فيصلو  انهن کي ڪرڻو آهي جيڪي اسيمبيلين ۾ ويٺل آهن،اسان ته اسيمبلين ۾ ناهيون،بار ته انهن تي آهي،انهن جي حمايت سان ترميم پاس ٿيندي انهن جي سپورٽ سان پاس نه به ٿيندي،هن چيو ته مان پهرين به چيو هو ته پ پ جو امتحان ايندو،لڳي ٿو ته امتحان ويجهو اچي ويو آهي،اپوزيشن جي سرگرمي نظر ايندي،جي ڊي اي 28 هين ترميم تي في الحال فيصلو نه ڏيندي جڏهن وقت آيو ۽ ترميمون ظاهر ٿيون ته ان کانپوءِ اسان انهن تي ڳالهائينداسين،سڄي سنڌ ۾ قبضا خوري آهي،منشيات فروشي آهي،هاڻي ته منشيات جو ملبو پوليس تي هنيو پيو وڃي،هن چيو ته منهنجي نظر ۾ پ پ جا 70 سيڪڙو ايم اين اي،وزير،اڳواڻ منشيات جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن،پنڪي تي به ڪنهن نه ڪنهن جي سرپرستي هوندي،پوليس اڪيلي جي سرپرستي ۾ اهڙا ڌنڌا نٿا هلي سگهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.