28 هين ترميم لاءِ صدر زرداري تي استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ،مزاحمت لاءِ جي يو آءِ سان امڪاني اتحاد؟

لاهور(امداد سومرو) صدر آصف علي زرداري تي هاڻي باقاعده استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ اچڻ شروع ٿي ويو آهي، ۽ ان جو پسمنظر امڪاني 28هين آئيني ترميم آهي۔ هاڻي سوال اهو آهي ته تجويز ڪيل  28هين آئيني ترميم جا اهي نڪتا، جن کي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي يا ٻيون سياسي قوتون 18هين آئيني ترميم کي ختم  ڪرڻ جي برابر سمجهن ٿيون، ڇا انهن کي ايوانِ صدر ۾ ويهي روڪي سگهندو؟ يا پوءِ صدر آصف علي زرداري کي استعيفيٰ ڏئي ايوانِ صدر کان ٻاهر اچڻو پوندو ۽ پيپلز پارٽي کي حڪومت کان الڳ ٿيڻو پوندو؟ڪراچي ۾ ڪجهه اهڙيون سياسي اڳڀرائيون ٿيون آهن، جيڪي اهو اشارو ڏئي رهيون آهن ته پيپلز پارٽي حڪومت مخالف سياسي قوتن سان هٿ ملائڻ طرف وڌي رهي آهي، بلڪه ان جا واضح اشارا ڏنا ويا آهن۔ڪالهه مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۾ موجود هئا، جتي انهن جي ملاقات جي ڊي اي، فنڪشنل ليگ ۽ ٻين حڪومت مخالف قوتن سان ٿي۔ ان کانپوءِ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس دوران به اهم ڳالهيون ٿيون۔ پوءِ سومرو هائوس، جتي مولانا ترسيل هو، اتي پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت ۽ سينيئر وزيرن به ساڻن ملاقات ڪئي۔ پسمنظر اهو آهي ته حڪومت 28هين آئيني ترميم آڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي، اسٽيبلشمينٽ جو خيال آهي ته 28هين آئيني ترميم ذريعي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائي وفاق جو حصو وڌايو وڃي، ڇاڪاڻ ته وفاق پنهنجا خرچ به پورو نٿو ڪري سگهي، ايتري تائين جو قرضن جون قسطون ادا ڪرڻ لاءِ به نوان قرض کڻڻا پون ٿا۔ان کانسواءِ ووٽر جي عمر 18 سالن کان وڌائي 25 سال ڪرڻ، ۽ صحت، تعليم، آبادي، معدنيات جهڙا شعبا ٻيهر وفاق حوالي ڪرڻ جون به تجويزون گردش ۾ آهن۔ اڃا تائين 28هين آئيني ترميم جو باقاعده مسودو سامهون ناهي آيو، پر رانا ثناءُ الله ڪجهه نڪتا ظاهر ڪري چڪو آهي۔پيپلز پارٽي انهن تجويزن جي مخالفت ڪري رهي آهي،خبرون هيون ته صدر زرداري کي چيو ويو آهي ته يا ته 28هين ترميم جو ساٿ ڏيو يا استعيفيٰ ڏيو۔هاڻي مولانا فضل الرحمان به سرگرم ٿي ويو آهي، اوهان کي ياد هوندو ته جڏهن 26هين آئيني ترميم آندي وئي هئي ته حڪومت تڪڙ ۾ اجلاس گهرائي ڇڏيو هو۔ جڏهن مسودو سامهون آيو ته مولانا فضل الرحمان ان کي رد ڪندي فل هائوس ڪميٽي ٺاهي ۽ چيو ته ان تي تفصيلي غور ڪيو ويندو۔بعد ۾ 26هين ترميم ۾ ڪجهه تبديليون ڪري ان کي منظور ڪيو ويو۔ ان وقت مولانا فضل الرحمان حڪومت سان گڏ هئا، پر 27هين ترميم وقت هو حڪومت سان گڏ نه هئا۔هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا 28هين آئيني ترميم ۾ پيپلز پارٽي حڪومت جو ساٿ ڏيندي يا نه؟ هن وقت تائين جيڪي اشارا ملي رهيا آهن، انهن مان لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي شايد حڪومت سان گڏ نه بيهندي۔ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ به آصف زرداري ۽ سندس پارٽي کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو، آئين بچايو۔ اهو آئين، جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ ٺهيو، جنهن تي منهنجي والد مفتي محمود صحيح ڪئي، ۽ 18هين ترميم، جنهن تي اسان گڏجي صحيحون ڪيون، ان جو تحفظ ڪيو وڃي۔”يعني مولانا واضح طور زرداري تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته حڪومت کان الڳ ٿي گڏجي 18هين ترميم بچائي وڃي۔اهي سڀ ڳالهيون واضح اشارو ڏئي رهيون آهن ته 28هين آئيني ترميم کي روڪڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ گڏجي سگهن ٿا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.