پي اي سي طرفان مالي بي ضابطگين ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم

لاهور (بيورو) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ون (PAC-1) مواصلات ۽ تعمير واري کاتي ۾ مالي بي ضابطگين جي ڪيسن تي ڪارروائي نه ٿيڻ تي سخت نوٽيس وٺندي ذميوار آفيسرن جي نشاندهي ڪري 30 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رپورٽن موجب اجلاس  ۾ 2022ع ۾ مالي بي ضابطگي ثابت ٿيڻ باوجود اڃا تائين ڪنهن به خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ڪميٽي چيو ته سرڪاري آفيسر مالي هيرا ڦيري ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪا افسوسناڪ ڳالهه آهي، اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته اهڙن ڪيسن ۾ دير جي سببن جي جاچ ڪئي وڃي ۽ کاتن اندر احتساب جو نظام بهتر بڻايو وڃي، اجلاس دوران غير لاڳاپيل جواب ڏيڻ تي ڪميٽي چيف انجنيئر تي به ناراضگي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اسپيشل سيڪريٽري مواصلات ۽ تعميرات صائمه علي چيف انجنيئرکي جواب ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ڪميٽي کي هدايتن تي عمل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.