ڪراچي ( رپورٽر ) نيشنل ڊائلاگ ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد علي دراني، عمران اسماعيل، فواد چوڌري، بيرسٽر سيف، وسيم شهزاد ۽ محمود مولوي سومر ڏينهن حرن جي روحاني پيشوا ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير صاحب پگارا سان سندن رهائشگاهه راجا هائوس ۾ ملاقات ڪئي۔ ان موقعي تي جي ڊي اي جا اڳواڻ ۽ پير صاحب پگارا جا صاحبزاده سيد راشد شاهه راشدي، معظم خان عباسي، محمد خان جونيجو سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔ ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، معاشي بحران ۽ وفاقي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ نيشنل ڊائلاگ ڪاميٽي جي اڳواڻن پير صاحب پاڳاري کان درخواست ڪئي ته هو ملڪ کي موجوده بحراني صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو قومي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪن۔ وفد پير صاحب پاڳاري کي ڪراچي ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سياسي شخصيتن سان ٿيل تازي ملاقاتن توڙي پنهنجي سياسي رابطن ۽ مستقبل جي پروگرام بابت پڻ آگاهه ڪيو۔ وفد جي ميمبرن چيو ته ملڪ جي موجوده حالتن ۾ قومي يڪجهتي، سياسي مفاهمت ۽ ڊائلاگ جو رستو اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي، ڇو ته سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ کي معاشي ۽ انتظامي بحرانن مان ڪڍڻ ممڪن نه ٿيندو۔ان موقعي تي پير صاحب پاڳاري وفد جون سموريون ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ چيو ته پاڪستان جي بقا، وفاق جي مضبوطي ۽ قومي اتحاد سندن لاءِ سڀ کان اهم آهن۔ هن چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن مان نڪرڻ لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي سنجيدگي سان ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ ملاقات جي پڄاڻي تي نيشنل ڊائلاگ ڪاميٽي ۽ جي ڊي اي جي قيادت وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ قومي هم آهنگي لاءِ مستقبل ۾ به رابطا ۽ مشاورت جو سلسلو جاري رکيو ويندو، جيئن گڏيل سياسي لائحه عمل ذريعي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اڳڀرائي ڪري سگهجي۔