دنيا جا ڪجهه عجيب ۽ غريب عجائب گهرَ

ياسر قاضي

ڪالهه سڄيءَ دنيا ۾ عجائب گهرن جو عالمي ڏينھن ملهايو ويو. اسان وٽ اهو تاثر عام آهي ته عجائب گهرَ رڳو ماضيءَ جي يادگارن کي سانڍڻ جي جاءِ آهن، جتي عام ماڻهو وڃڻ کي ترجيح ناهي ڏيندو، پر دراصل عجائب گهر هڪ اهڙو زندهه علمي مرڪز آهي، جيڪو انساني تاريخ، ثقافت، سائنس ۽ فن جي ناياب ورثي کي محفوظ ڪري ٿو، ته جيئن اڄ جا لوڪَ پنھنجي ماضيءَ مان سکي سگهن، تفريح حاصل ڪن ۽ پنھنجي مستقبل کي بھتر بڻائي سگهن. عجائب گهرَ ماضيءَ جا آئينا، حال جا استادَ ۽ مستقبل جو رستو ڏيکاريندڙ علمي ادارا هوندا آهن، جيڪي ماضيءَ کي حال سان ڳنڍڻ جو ڪم ڪندا آهن.

دنيا جي پھرين باقاعده ۽ باضابطه عجائب گهر جي تاريخ تمام قديم ۽ دلچسپ آهي. تاريخي ۽ تحقيقي دستاويزن مطابق، دنيا جو پھريون ميُوزيم اڄ کان لڳ ڀڳ 2500 سال اڳ قديم ’ميسوپوٽيميا‘ (هاڻوڪي عراق) جي تاريخي شھر ’اُر‘ (Ur) ۾ قائم ٿيو هو. هي ميوزيم نيُو ــ بابل جي سلطنت جي آخري بادشاهه ’نَبونيڊس‘ (Nabonidus) جي ڌيءَ شھزادي اينجالڊي سسٽر (Ennigaldi Nanna) ٺاهيو هو. شھزادي اينجالڊي پاڻ به هڪ تاريخدان، قديم آثارن جي ماھر ۽ ’اُر‘ شھر جِي وڏي مذهبي پيشوا هئي. تنھنڪري هن عجائب گهر کي تاريخ ۾ ’اينجالڊي نانا جي عجائب گهر‘ (Ennigaldi Nanna’s Museum) جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. شھزادي اينجالڊيءَ ان دؤر ۾ ميسوپوٽيميا جي قديم تھذيبن (جهڙوڪ: سوميري، اڪادي ۽ بابلي تھذيب) جا سوين سال پراڻا آثارَ ۽ نوادرات گڏ ڪيا هئا. هن پنھنجي محل جي هڪ حصي کي انهن شين کي محفوظ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ مخصوص ڪيو. هي عجائب گهر تاريخ جي پھرين اهڙي عجائب گهر طور به سُڃاتو وڃي ٿو، جتي باقاعدي جديد انداز وانگر ’ميوزيم ليبلنگ‘ ٿيل هئي، يعني هن عجائب گهر جي سڀ کان حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته هتي رکيل هر تاريخي شئي سان گڏ مٽيءَ جي تختي (Clay Tablets) تي ان شئي جو پسمنظر ۽ تاريخ ٽن مختلف ٻولين ۾ لکي رکي وئي هئي، بالڪل ايئن جيئن اڄڪلهه جي جديد عجائب گهرن ۾ شين جي اڳيان تفصيل لکيل هوندا آهن. دنيا جي هن پھرين عجائب گهر جا آثار 1925ع ۾ مشھور برطانوي آثار قديمه جي ماھر ’سر ليونارڊ وولي‘ (Sir Leonard Woolley) عراق ۾ کوٽائيءَ دؤران ڳولي لڌا هئا، جنھن کانپوءِ دنيا کي خبر پئي ته انسان ۾ تاريخي ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي ٻين ماڻهن کي ڏيکارڻ جو شوق ڪيترو قديم آهي.

پاڪستان ۾ عجائب گهرن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي، جيڪو هن خطي جي هزارين سال پراڻي تاريخ، ثقافت ۽ فوجي ورثي کي پنھنجي اندر سمائي ويٺو آهي. هڪ محتاط اندازي مطابق هن وقت پاڪستان ۾ سرڪاري، خانگي ۽ فوج جي نگرانيءَ ۾ ڪل 70 کان 80 جي لڳ ڀڳ فعال عجائب گهرَ موجود آهن. اهي ادارا نه رڳو قديم تھذيبن سان سلهاڙيلَ نوادرات کي محفوظ ڪن ٿا، پر سياحن، محققن ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ معلومات جو هڪ وڏو ۽ معتبر ذريعو پڻ آهن.

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عجائب گهرَ (Museums) امريڪا ۾ آهن. امريڪا هن وقت عجائب گهرن جي تعداد جي لحاظ کان دنيا ۾ پھرين نمبر تي آهي. هڪ عالمي سروي ۽ يونيسڪو (UNESCO) جي رپورٽن مطابق، امريڪا ۾ ننڍن وڏن عجائب گهرن جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ 30 کان 33 هزارن جي وچ ۾ آهي. هتي تاريخ، سائنس، آرٽ، ثقافت ۽ مقامي ورثي سان گڏوگڏ انتھائي انوکن موضوعن تي پڻ عجائب گهر ٺاهيا ويا آهن. ان کانپوءِ دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ عجائب گهر رکندڙ ٻين وڏن ملڪن ۾ جرمني لڳ ڀڳ 6500 کان مٿي عجائب گهرن سان ٻئين نمبر تي، جاپان (ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ، لڳ ڀڳ 5,000 کان وڌيڪ ميوزيم رکندڙ ملڪ) ۽ چين 5000 جي لڳ ڀڳ عجائب گهرن سان ٽئين نمبر تي، جڏھن ته برطانيه  2500 کان 3000 جي لڳ ڀڳ عجائب گهرن سان چوٿين نمبر تي شامل آهي.

بين الاقوامي سطح تي ’عجائب گهرن جو شھر‘ (City of Museums) فرانس جي گاديءَ واري شھر پئرس کي چيو ويندو آهي. جتي 130 کان وڌيڪ وڏا عجائب گهر موجود آهن، جن ۾ دنيا جو سڀ کان مشھور ۽ وڏو عجائب گهر ’لوور ميوزيم‘ (Louvre Museum) پڻ شامل آهي، جتي ليونارڊو ڊا ونچيءَ جي مشھورِ زمانه ’مونا ليزا‘ جي اصل پينٽنگ رکيل آهي. پئرس کانسواءِ دنيا جي مختلف خطن ۾ ڪجهه ٻين شھرن کي پڻ عجائب گهرن جي وڏي تعداد يا مخصوص تاريخ جي ڪري ’عجائب گهرن جو شھر‘ سڏيو ويندو آهي. جن ۾ لنڊن (200 کان وڌيڪ ننڍن وڏن عجائب گهرن ڪري، جن ۾ دنيا جي تاريخ جو امين عجائب گهر ’برٽش ميوزيم‘ به شامل آهي)، امريڪا جي گادي واشنگٽن ڊي. سي (جتي دنيا جو سڀ کان وڏو ميُوزيم ڪمپليڪس ’سمٿسونين انسٽيٽيوٽ‘ (Smithsonian Institution) قائم آهي، جنھن هيٺ 21 عظيم الشان عجائب گهرَ ڪم ڪري رهيا آهن)، مصر جو شھر ’لڪسر‘ (Luxor) (جنھن کي ”دنيا جو سڀ کان وڏو کليل عجائب گهر“ (World’s Greatest Open Air Museum) پڻ چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن سڄي شھر جي گهٽين ۽ ميدانن ۾ قديم فرعونن جا محلَ، مقبرا ۽ عظيم الشان مندرَ اڄ به کُليل آسمان هيٺ موجود آهن) پڻ شامل آهن.

دنيا ۾ جتي تاريخ ۽ ثقافت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ روايتي عجائب گهر موجود آهن، اتي ڪجهه اهڙا به عجائب گهر آهن، جيڪي پنھنجي انوکن، عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز موضوعن جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ مشھور آهن. اهي عجائب گهر عام انساني سوچ کان هٽي ڪري ٺاهيا ويا آهن، جن مان ڪجهه عجائب گهر هي آهن:

1 ــ تيزاب ۾ محفوظ ڪيل عجيب مخلوقات جو عجائب گهر (متحرڪ ميوزيم ــ پئرس)(:

فرانس جي راڄڌانيءَ پئرس ۾ ڪجهه ’ميوزيم آف هانٽيڊ اينڊ فيڪسڊ ڪريئيچرز‘ يا قديم طبي عجائب گهر موجود آهن، جن مان هڪ ’موزي ڊيپوئيٽرن‘ (Musée Dupuytren) آهي. هن عجائب گهر ۾ انساني جسم جي عجيب ۽ غريب بناوتن، بيمارين جي ڪري بدليل شڪلين ۽ غير معمولي جينياتي تبديلين وارن جسمن کي هڪ خاص ڪيميائي مائع (Formaldehyde) ۾ محفوظ ڪري رکيو ويو آهي. هي عجائب گهر ڏسندڙن تي هڪ ئي وقت حيرت ۽ خوف طاري ڪري ڇڏي ٿو.

2 ــ پاڻيءَ جي اندر موجود عجائب گهر (ڪينڪون ــ ميڪسيڪو):

ميڪسيڪو جي سمنڊ ۾ ’ڪينڪون‘ جي ساحل ويجهو دنيا جو هڪ انتھائي منفرد عجائب گهر ’موزا‘ (MUSA  Museo Subacuático de Arte) موجود آهي. هي عجائب گهر زمين بدران سمنڊ جي تَھَه ۾، پاڻيءَ جي اندر ٺاهيو ويو آهي. هتي انساني قد جيترا لڳ ڀڳ 500 کان وڌيڪ بُتَ ۽ مجسما رکيل آهن. سياحن کي هي عجائب گهر ڏسڻ لاءِ سمنڊ ۾ غوطا خوري (Scuba Diving) ڪرڻي پوندي آهي. اهي مجسما وقت سان گڏ سامونڊي جيوت ۽ مڇين جو گهر بڻجي رهيا آهن، جيڪي هڪ سحر انگيز فطري منظر پيش ڪن ٿا ۽ ايئن لڳي ٿو ته اهي مجسما شروع کان فطري طور پاڻيءَ اندر ئي موجود هئا. هن ميوزيم کي ڏسندڙ سيّاحَ پاڻ هڪ دلچسپ تجربي مان گذري، ’ايڊوينچر‘ رستي، اسڪُوبا جو لباس پائي هي عجائب گهر ڏسن ٿا ۽ پنھنجي جيون جِي هڪ سھڻي ۽ دلچسپ يادگيري ٺاھن ٿا.

3 ــ ناڪام لاڳاپن ۽ ٽُٽل دلين جو عجائب گهر (زاغرب ــ ڪروشيا):

يورپي ملڪ ڪروشيا جي شھر ’زاغرب ‘ ۾ ’ميوزيم آف بروڪن ريليشن شِپس‘ (Museum of Broken Relationships) قائم آهي. هي عجائب گهر انهن ماڻهن جي يادگارن تي ٻڌل آهي، جن جو پيار ناڪام ٿي ويو يا جن جا لاڳاپا ٽُٽي ويا. هتي سڄي دنيا مان ماڻهن جون موڪليل اهڙيون شيون رکيل آهن، جيڪي کين پنھنجي ماضيءَ جي ساٿين پيار جي نشانين طور ڏنيون هيون، جھڙوڪ: خطَ، گهڙيُون، رومالَ، ڪپڙا، شاديءَ جا لباس ۽ ٻيون ذاتي شيون. هر شئي سان گڏ هڪ دردناڪ يا دلچسپ ڪھاڻي پڻ لکيل رکي وئي آهي.

4 ــ خراب فن ۽ بدصورت تصويرن جو عجائب گهر (بوسٽن ــ امريڪا):

دنيا ۾ عام طور تي بھترين آرٽ ۽ شاهڪار تصويرن جا ميوزيم ۽ آرٽ گئلريون هونديون آهن، پر امريڪا جي شھر بوسٽن ۾ ’ميوزيم آف بيڊ آرٽ‘ (MOBA – Museum of Bad Art) به قائم آهي. هن عجائب گهر جو مقصد اهڙن فنپارن کي گڏ ڪرڻ آهي، جيڪي ايترا ته خراب يا بدصورت آهن، جو انهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هتي سوين اهڙيون تصويرون ۽ مجسما رکيل آهن، جيڪي مشھُور چترڪارن کان خراب ٿي ويا يا عام ماڻهن پاران انتھائي عجيب انداز ۾ ٺاهيا ويا هئا.

5 ــ وارن / زلفن جو عجائب گهر (اوانوس ــ ترڪيه):

ترڪيه (تُرڪيءَ) جي خوبصورت ۽ تاريخي علائقي ’ڪيپاڊوشيا‘ جي هڪ ننڍڙي شھرَ ’اوانوس‘ ۾ ’چيز گليپ وارن جو عجائب گهر‘ (Chez Galip Hair Museum) موجود آهي. هي ميُوزيم هڪ غار جي اندر ٺھيل آهي، جنھنجي ڀتين ۽ ڇت تي سڄي دنيا مان آيل تقريباً 16 هزار کان وڌيڪ عورتن جي وارن جُون لڙھُون (ڪلپس) لڳل ۽ لڙڪيلَ آهن. هر وارن جي ڇُڳي، مُچي يا لڙهَه سان گڏ ان ناريءَ جو نالو ۽ پتو پڻ لکيل آهي، جنھن جا اهي زلف آهن.

ان قسمَ جا عجائب گهرَ ثابت ڪن ٿا ته انسان جي تخليقي صلاحيت ۽ ڪنھن شئي کي يادگار بڻائڻ جو شوق ڪيتري به حد تائين انوکو ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.