تل ابيب(ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌڻ جا خطرا پيدا ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيئي آمريڪي ڪارگو جهاز گولا بارود ۽ فوجي سامان کڻي اسرائيل پهتا آهن.
اسرائيلي ميڊيا رپورٽن موجب، ڄاڻايل آمريڪي جهاز مختلف فوجي اڏن تي لٿا، جتي هٿيار، ميزائل ۽ ٻيو جنگي سامان منتقل ڪيو ويو. رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اها اڳڀرائي ايران خلاف امڪاني نئين جنگي تيارين جو حصو ٿي سگهي ٿي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ويجهڙائي اورن هفتن دوران خطي جي صورتحال اڳ ئي انتهائي ڇڪتاڻ واري آهي ۽ آمريڪا طرفان اسرائيل کي مسلسل فوجي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. ان ئي حوالي سان آمريڪي ڪارگو جهازن جي آمد کي غير معمولي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
جيتوڻيڪ آمريڪا يا اسرائيلي اختيارين طرفان اهڙين رپورٽن تي اڃا تائين ڪو باظابطا ردعمل سامهون ناهي آيو، پر تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ڪنهن به وقت صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي ايران اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته ڪنهن به امڪاني حملي يا دٻاءُ جو سخت جواب ڏنو ويندو، جنهن کانپوءِ خطي ۾ جنگ بندي ۽ سفارتي ڪوششن جي مستقبل تي به سوال اٿڻ لڳا آهن.