آرچر کي قومي ڊيوٽي بدران آءِ پي ايل جاري رکڻ جي اجازت، لڳي ٿو انگلينڊ جو ڀارتي بورڊ سان ڪو ٺاهه ٿيل آهي:مائڪيل وان

لندن(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان فاسٽ بالر جوفرا آرچر کي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جاري رکڻ جي اجازت ڏيڻ تي پنهنجي ئي بورڊ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان هڪ پروگرام دوران انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سي بي) تي ڇتي تنقيد ڪندي جوفرا آرچر بابت ڪيئي سوال اٿاري ڇڏيا.
مائيڪل وان چيو ته اي سي بي جوفرا آرچر کي نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ۽ بورڊ جو چوڻ آهي ته هو آءِ پي ايل جاري رکندو، انڪري پهرين ٽيسٽ لاءِ دستياب ناهي.
اڳوڻي انگلش ڪپتان چيو ته انگلينڊ جي اهم ٽيسٽ سيريز شروع ٿيڻ واري آهي ۽ جوفرا آرچر ڀارت ۾ هوندو، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڀارتي بورڊ (بي سي سي آءِ) ۽ اي سي بي وچ ۾ ڪي معاملا طئي ٿيل آهن، جنهن ڪري ئي ڪجهه رانديگرن کي آءِ پي ايل جاري رکڻ جي اجازت ملي آهي.
مائيڪل وان سوال اٿاريو ته ڇا سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ ڪو رانديگر فرنچائز ڪرڪيٽ کي نيشنل ڊيوٽي (قومي ذميواري) تي ترجيح ڏئي سگهي ٿو؟
اي سي بي سالن تائين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏئي جوفرا آرچر کي سپورٽ ڪيو آهي، تنهنڪري قومي ذميواري پهرين ترجيح هئڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته فرنچائز ڪرڪيٽ رانديگرن لاءِ مالي ۽ پيشيوراڻي لحاظ تمام گهڻي بهترين آهي، پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ليگ جي پٺيان نٿو ڌڪي سگهجي، جيڪڏهن انگلينڊ چاهي ٿو ته رانديگر آءِ پي ايل کيڏن ته پوءِ شيڊيول اهڙو ٺاهڻ گهرجي جيڪو ڪنهن سيريز سان ٽڪراءِ ۾ نه اچي
ياد رهي ته انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 4 جون کان شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.