کاڌو پلاسٽڪ جي دٻن ۾ فريز ڪرڻ خطرناڪ!

صحت جي ماهرن بچي ويندڙ کاڌي کي پلاسٽڪ جي دٻن ۾ فريز ڪرڻ کي نقصانڪار قرار ڏنو آهي.

تازو صحت رپورٽ ۾ ماهرن چيو ته بچي ويندڙ کاڌي کي پلاسٽڪ جي دٻن ۾ فريز ڪرڻ صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

رپورٽ موجب فريزر ۾ کاڌو محفوظ رکڻ لاءِ شيشي يا اسٽيل جا ٿانو وڌيڪ محفوظ يا بهتر چونڊ آهن.

ماهرن موجب گهڻو ٿڌو ڪرڻ يا هر ڀيري گرم ڪرڻ سان پلاسٽڪ ڪمزور ٿيندو آهي ۽ ان سان ننڍا پلاسٽڪ جا ذرڙا ”مائيڪرو پلاسٽڪ“ نيڪال ٿيندا آهن.

ماهرن موجب اهي ذرا خوراڪ ۾ شامل ٿي انساني جسم ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. تحقيق مان ڄاڻ ملي ٿي ته مائيڪرو پلاسٽڪس ماحول لاءِ ناڪارا آهن جڏهن ته انساني صحت تي ٿيندڙ اثرن بابت ماهر تحقيق ڪري رهيا آهن.

اهي پارٽيڪلز (ذرا) انساني رت، ڦڦڙڻ ۽ ماءُ جي کير ۾ ڳوليا ويا آهن، نينو پلاسٽڪ انساني دماغ تائين به پهچي سگهن ٿا جنهن سان مستقبل ۾ اعصابي بيمارين جا خطرا وڌي وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.