آءِ ايم ايف پاڪستان تي گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سميت 11 نوان شرط لاڳو ڪري ڇڏيا

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ڪرڻ، نيب جي خودمختاري ۽ شفافيت ۾ واڌ سميت 11 نوان شرطون لاڳو ڪري ڇڏيا آهن.
آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جو ٽيڪس هدف 15 هزار 267 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز به ڏني آهي، جنهن تحت ايندڙ مالي سال 430 ارب رپين جا واڌو ٽيڪس لڳائڻ جو به امڪان آهي، جن مان 215 ارب رپين جا نوان ٽيڪس ۽ 115 ارب رپيا ٽيڪس انفورسمينٽ ذريعي گڏ ڪيا ويندا.
ٻئي پاسي، ايندڙ مالي سال پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام کان 1727 ارب رپيا اوڳاڙڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف جي نين شرطن (اسٽرڪچرل بينچ مارڪ) ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي پارليامينٽ مان منظوري، ڪرپشن جي خاتمي ۽ سرڪاري خريدارين جي فريم ورڪ جي مضبوطي، ٽيڪس ريوينيو انتظاميا ۾ بهتري، پاڪستان جي غير مشروط ڪيش ٽرانسفر پروگرام (ڪفالت پروگرام) جي سسٽم کي برقرار رکڻ، ڪرنسي اڪسچينج جي هوريان هوريان خودمختاري لاءِ روڊ ميپ جي تياري ۽ ريگيوليٽري شفافيت ۾ واڌ جهڙيون اهم شرطون پڻ شامل آهن.
عالمي مالياتي اداري جي نين شرطن ۾ پيپرا رولز ۾ ترميمون، نيب جي خودمختاري ۽ شفافيت ۾ واڌ ڪرڻ، توانائي جي شعبي ۾ گئس ۽ بجلي جي سالياني ۽ ڇهه ماهي واڌ جا نوٽيفڪيشن، اسپيشل اڪنامڪ زونز جي 2035 تائين مراعتن جو مڪمل خاتمو ۽ وفاقي حڪومت توڙي اسلام آباد لاءِ ڪاروبار جي ريگيوليشن لاءِ پاڪستان ريگيوليٽري رجسٽري جو قيام به شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.