سلهٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس پروفيشنل ڪرڪيٽ ۾ هڪ هزار وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
محمد عباس بنگلاديش خلاف سلهٽ ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ اڄ ٽي وڪيٽون وٺي 1000 پروفيشنل وڪيٽون مڪمل ڪيون.
قومي فاسٽ بالر پنهنجي ڪيريئر دوران 884 فرسٽ ڪلاس، 84 لسٽ اي ۽ 32 ٽي ٽوئنٽي وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.
واضح رهي ته سلهٽ ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ بنگلاديشي ٽيم 278 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، محمد عباس ٻنهي بنگلاديشي اوپنرز محمود الحسن جوئي ۽ تنزيد حسن کي پيولين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته ڪپتان نجم الحسن شانتو جي وڪيٽ وٺي هڪ هزار پروفيشنل وڪيٽن جو انگ مڪمل ڪيو.