نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ميڊيا جي هائپ ۽ ڪئميرامين جي هر وقت موجودگي تي پنهنجي بيزاري جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا جو رويو حد کان وڌيڪ ٿي ويندو آهي.
انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل ) جي فرنچائز رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي) جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي هڪ دلچسپ قصو شيئر ڪيو.
ويرات ڪوهلي چيو ته ”گذريل ڏينهن مان نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ڪين وليمسن سان ڳالهائي رهيو هوس ته اوچتو هڪ ڪئميرامين اسان جي وچ ۾ اچي ويو، مون ٻئي همراهه کي چيو ته هن کي هتان هٽايو، ڇا مان ڪين سان سادي ڳالهه ٻول به نٿو ڪري سگهان؟“
ويرات ڪوهلي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ميڊيا وارن کي اسان ٻئي گڏ نظر اچي وياسين ته پوءِ عجيب، عجيب سرخيون ٺهڻ لڳنديون آهن مثال طور ”ڪين ماما سان گڏ ڪنگ ڪوهلي“ ۽ الائي ڇا ڇا لکيو ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته مان ڪين وليمسن کي انڊر 19جي ڏينهن کان سڃاڻان ٿو ۽ اسان پراڻا دوست آهيون، پر ميڊيا طرفان شين کي حد کان وڌيڪ ۽ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويندو آهي، اهڙو عمل ڪڏهن ڪڏهن برداشت کان ٻاهر ٿي ويندو آهي.