سون مسلسل ٻئي ڏينهن به سوين رپيا سهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 600 رپيا سستو ٿيڻ سان 4 لک 76 هزار 262 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ 10 گرام سون جي قيمت 515 رپيا گهٽجي 4 لک 8 هزار 317 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 6 ڊالر لاٿ سان 4539 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن في تولي سون جي اگهه ۾ 15500 رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.