سلهٽ(ويب ڊيسڪ) ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ بنگلاديش جي پوري ٽيم 278 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين بنا ڪنهن نقصان جي 21 رنسون ٺاهي ورتيون.
سلهٽ ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
بنگلاديش طرفان محمود الحسن جوئي ۽ تنزيد حسن اننگز جي شروعات ڪئي، پر اننگز جي شروع ۾ ئي بنگلاديشي اوپننگ بيٽر محمود الحسن پهرئين اوور جي ٻئي بال تي پاڪستاني بالر محمد عباس جو شڪار ٿي ويو.
بنگلاديش طرفان لٽن داس 126 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، جڏهن ته تنزيد حسن 26، نجم الحسن شانتو 29، مومن الحق 22 ۽ مشفيق الرحيم 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پاڪستان جي خرم شهزاد 4، محمد عباس 3، حسن علي ٻه ۽ ساجد خان هڪ وڪيٽ ورتي.
پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان بنا ڪنهن وڪيٽ وڃائڻ جي 21 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، ازان اويس 13 ۽ عبدالله فضل 8 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن، جڏهن ته قومي ٽيم کي بنگلاديش جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ اڃا 257 رنسون گهربل آهن،
ٻي ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن، امام الحق، شاهين آفريدي ۽ نعمان علي جي جاءِ بابر اعظم، خرم شهزاد ۽ ساجد خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته بنگلاديش پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 104 رنسن تان شڪست ڏئي 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي جي سرسي حاصل ڪئي هئي.
سلهٽ ٽيسٽ: لٽن داس جي سينچري، شاهينن آڏو بنگالي ٽائيگرز پهرين اننگز ۾ 278 رنسن تي ڍير
You might also like