استنبول(ويب ڊيسڪ) فيفا اختيارين اڄ ورلڊ ڪپ جي حوالي سان ايراني فٽبال فيڊريشن سان ملاقات ڪنديون.
برطانوي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته فيفا جو سيڪريٽري جنرل ميٽياس گراف اسٽروم ڇنڇر جي ڏينهن استنبول ۾ ايراني فٽبال اختيارين سان ملاقات ڪندو ۽ کين ورلڊ ڪپ ۾ ايران جي شرڪت بابت خاطري ڪرائيندو.
واضح رهي ته ايران کي آمريڪا ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ ۾ گروپ مرحلي جون پنهنجون ٽئي ميچون کيڏڻيون آهن پر 11 جون کان 19 جولاءِ تائين جاري رهندڙ ميگا ايونٽ ۾ٽيم جي شرڪت تڏهن کان غير يقيني جو شڪار آهي جڏهن فيبروري جي آخر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملو ڪيو هو.